ليکڪ: ساحل سڪندر جروار
ايڪويهين صدي ۾ انسان چنڊ کان به اڳتي مريخ تي قدم رکيا آهن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ايجادن دنيا کي هڪ ڳوٺ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هر روز نيون ايجادون ٿي رهيون آهن ۽ دنيا جو رخ تبديل ٿي رهيو آهي، سماج ۾ رهڻ لاءِ نوان لاڙا ۽ نوان گس ڳوليا پيا وڃن، هن جديد دور ۾ به اسان پٿرن واري زماني ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، اسان وٽ بنيادي سهولتن جي کوٽ ته هونئن ئي رهي آهي، جنهن جي ڪري اسان پٺتي پيل آهيون، کوڙ سارن مسئلن سان گڏ اسان وٽ تعليمي نظام به زيرو آهي ۽ اسان جون درسگاهون ويران آهن، لائبريريون علم، ادب، ساڃاهه ۽ عقل جي کاڻ هونديون آهن ۽ ڪتاب جهالت جي اونداهي ۾ لاٽ مثل آهن، لائبريري طرف وڌندڙ هر وک روشن صبح جي علامت هوندي آهي، ڏٺو وڃي ته جن قومن جون لائبريريون وسندڙ آهن انهن قومن جو نصيب هميشه سڻائو رهيو آهي، جديد دور ۾ انٽرنيٽ ۽ ٽيڪنالاجي لائبريرين کي جديد بڻائي ڇڏيو آهي، پر اسان وٽ نه لائبريري جي ڪا سهولت آهي نه وري ڪي ٻيون جديد سهولتون آهن، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تعليم جي شرح تمام گهٽ رهي آهي، پر تنهن باوجود به انهيءَ ڌرتي تي اهڙا ڪي فرد جنم وٺن ٿا، جيڪي تعليم کي عام ڪرڻ ۾ وسان ناهن گهٽائيندا، سرڪاري انگن اکرن موجب بلوچستان جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 62 سيڪڙو ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن، اهڙي پٺتي پيل علائقي جون ٻه شعور يافته ڀينرون تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکنديون پيون اچن، بلوچستان جي رحيمه جلال ۽ زبيده جلال پاران موبائيل اٺ لائبريري قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ذريعي اهي ٻارڙن ۾ ڪتاب پڙهڻ جو رحجان پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، ان سلسلي ۾ رحيمه جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ 700کان وڌيڪ موبائيل لائبريريون اسان متعارف ڪرايون آهن ۽ اٺ تي ڪتاب رکي ڳوٺ ڳوٺ وڃي ٻارن کي تعليم جهڙي زيور سان روشناس ڪريون ٿا، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اردو، انگريزي ۽ ٻين ٻولين جي ڪهاڻين جا ڪتاب کڻي وڃي ٻارن کي ڏيون ٿا ۽ ٻار پسند جو ڪتاب کڻي پڙهندا آهن ۽ هڪ هفتي کان پوءِ واپس ڪندا آهن. ٻارن ۾ ڪتابن سان محبت ۽ دلچسپي ڏسي اسان به ڏورانهن علائقي ۾ وڃي ٻارن ۾ تعليمي شعورپيدا ڪري رهيون آهيون، هي ٻه ڀينرون بلوچستان جون حقيقي ڪردار آهن، جيڪي مصروفتن مان وقت ڪڍي روشن مستقبل لاءِ پاڻ پتوڙين ٿيون ۽ اهي ڪردار اسان جي سماج لاءِ شعور جي علامت بڻيل آهن، هن وقت حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب اسان تعليم جهڙي زيور کان محروم ٿي رهيا آهيون، تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي به رحيما جلال جهڙو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي پٺتي پيل علائقن ۾ وڃي ٻارن کي تعليم سان نوازڻو پوندو، ڇو جو لائبريريون شعور جي علامت آهن ۽ ڪتاب ئي اسان کي اونداهه مان ڪڍي روشني طرف وٺي وڃي سگهن ٿا ۽ ٻارڙا اڄ جي هن ٽيڪنالاجي واري دور ۾ سائنسي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ پوئتي نه رهن، هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت کي تعليم بابت پنهنجين پاليسين تي نظرثاني ڪري جديد سائنسي بنيادن تي تعليم کي يقيني بڻائڻ گهرجي، ته جيئن ايندڙ نسل سائنسي تعليم حاصل ڪري دنيا ۾ ٿيندڙ نين تحقيقن سميت سائنس جي ميدان ۾ پاڻ مڃرائي ۽ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت پڻ ڪري سگهي.