ليکڪ: عتيق الرحمان لاکو
”شب برات“ فارسي زبان جي ٻن لفظن جو مجموعو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي نجات ۽ ڇوٽڪاري واري رات، ڇو جو الله تعاليٰ هن رات ۾ پنهنجي ٻانهن جي بي حساب بخشش، مغفرت ۽ جهنم جي باهه کان نجات عطا فرمائيندو آهي، ان ڪري هن رات جو نالو شبِ برات پئجي ويو، هونئن ته شعبان المعظم جو سڄو مهينو فضيلتن ۽ برڪتن وارو آهي ڇو جو الله جي حبيب صلي الله عليه واله وسلم ”شعبان“ کي پنهنجو مهينو قرار ڏنو آهي، ۽ پاڻ سڳورا صه ھن مهيني ۾ نفلي روزا رکڻ ٻين مهينن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پسند فرمائيندا هئا، رسول الله صه جو فرمان آهي ته ”شعبان منهنجو مهينو آهي ۽ رمضان الله تعاليٰ جو مهينو آهي“. (الجامع الصغير: 4889) هن مبارڪ مهيني جي عظمت ۽ شان جي لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي جو شعبان جي مهيني کي تاجدار مدينه صه پاڻ ڏانهن منسوب فرمايو آهي، پر خاص طور تي شعبان جي پندرهين رات يعني شب برات جي حديثن ۾ وڏي فضيلت آئي آهي. حضرت سيدتنا عائشه صديقه رضه فرمائين ٿيون ته ”مون نبي ڪريم صه کي ارشاد فرمائيندي ٻڌو ته الله تعاليٰ (خاص طور تي) چئن راتين ۾ ڀلائي جا دروازا کولي ڇڏيندو آهي جن ۾ عيد الاضحيٰ جي رات، عيدالفطر جي رات، شعبان جي پندرهين رات جو ان رات ۾ مرڻ وارن جا نالا ۽ ماڻهن جو رزق ۽ (ان سال) حج ڪرڻ وارن جا نالا لکيا ويندا آهن، عرفه جي رات (فجر) جي آذان تائين“. (الدر منثور ج 7،ص402) هڪ ٻي حديث ۾ ام المومنين حضرت عائشه صديقه رضه کان مروي آهي ته مون هڪڙي رات رسول الله صه کي بستر تي نه ڏٺو ته (آئون سندن ڳولا ۾) نڪتيس ته رسول الله صه بقيع جي قبرستان ۾ مون کي ملي ويا، پاڻ سڳورن صه مون کي فرمايو ته ڇا توهان کي ان ڳالهه جو خوف هو جو الله ۽ ان جو رسول صه توهان جي حق تلفي ڪندا؟ مون عرض ڪيو ته يارسول الله صه مون خيال ڪيو هو ته شايد اوهان ازواج مطهرات رضه مان ڪنهن وٽ تشريف کڻي ويا هوندا، پاڻ سڳورن فرمايو بيشڪ الله تعالي شعبان جي پندرهين رات (يعني شب برات) ۾ آسمان دنيا تي تجلي فرمائيندو آهي،پوءِ قبيلي بني ڪلب جي ٻڪرين جي وارن کان وڌيڪ تعداد ۾ گناهگارن جي بخشش فرمائيندو آهي (جامع ترمذي:739 ) بنو ڪلب ٻڪرين جي گهڻائي جي ڪري سموري عرب ۾مشهور قبيلو هو، انهن جي ٻڪرين جي وارن جو تعداد ڪيترو هوندو؟ ان جي ڳڻپ انساني عقل کان مٿانهين آهي، الله تعاليٰ هن رات ۾ ان قبيلي جي ٻڪرين جي وارن کان وڌيڪ گناهگارن جي بخشش ۽ مغفرت فرمائيندو آهي، ۽ ان حديث شريف ۾ رسول الله صه جو قبرستان وڃڻ اسان جي لاءِ سنت رسول صه جو درجو رکي ٿو، ان ڪري سڄي دنيا جا مسلمان هن رات ۾ پنهنجي مرحومين جي قبرن تي حاضري ڀريندا آهن ۽ دعائون گهرندا آهن، قبرستان ۾ وڃڻ بابت نبي ڪريم صه جو فرمان آهي ته مون توهان کي (ابتداءِ اسلام) ۾ قبرن جي زيارت کان منع ڪيو هو، هاڻي توهان ويندا ڪيو، ڇوته هن سان دنيا جي ناپائيداري جو احساس ۽ آخرت جي ياد تازي ٿيندي آهي.(سنن ابن ماجه:1571) حضرت سيدنا علي المرتضيٰ ڪرم الله وجهه الڪريم کان مروي آهي ته نبي ڪريم صه جو فرمان آهي ته جڏهن پندرهين شعبان جي رات اچي ته انهيءَ ۾ قيام (يعني عبادت) ڪريو ۽ ڏينهن ۾ روزو رکو. بيشڪ الله تعالي(هن رات ۾) سج لهڻ کان آسمان دنيا تي خاص تجلي فرمائيندو آهي ۽ ارشاد فرمائيندو آهي ته آهي ڪو مون کان مغفرت گهرڻ وارو جو ان کي بخشي ڇڏيان!آهي ڪو روزيءَ(جي ڪشادگي) گهرڻ وارو جو ان کي روزي ڏيان! آهي ڪو مصيبت ۾ ڦاٿل جو ان کي نجات عطا ڪريان! آهي ڪو اهڙو! آهي ڪو اهڙو! الغرض الله تعالي ٻانهن جي تمام حاجتن جو ذڪر فرمائيندو آهي ۽ الله تعالي جي رحمت جو فيضان فجر طلوع ٿيڻ تائين جاري رهندو آهي.(سنن ابن ماجه: 1388) اسان جي هن خطي ۾ شب برات جي موقعي تي جيڪا آتش بازي ڪئي ويندي آهي ۽ ٻار باهه جي رانديڪن سان کيڏندا آهن ان جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي ،۽ اسان جي ملڪي قانون ۾ به آتشي قسم جو سامان ٺاهڻ، خريد ڪرڻ، ذخيرو ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ سڀ غير قانوني آهي ،هي ڀلاري رات ته جهنم جي باهه کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ واري رات آهي. يعني هن رات ۾ الله جي عبادت ڪرڻ گهرجي نفل پڙهڻ گهرجن ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ گهرجي ته جيئن الله ۽ ان جو رسول صه راضي ٿئي ۽ الله تعالي اسان کي جهنم جي باهه کان نجات عطا فرمائي،هن ڀلاري رات ۾ اهڙي فضول خرچي واري ڪم کان پاڻ به پري رهڻ گهرجي ۽ پنهنجي اولاد کي پري رکجي ۽ اولاد کي هن رات جي حقيقت کان روشناس ڪرڻ گهرجي. قرآن پاڪ ۾ فضول خرچ ڪرڻ وارن جي لاءِ الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته ”بيشڪ فضول خرچي ڪرڻ وارا شيطان جا ڀائر آهن“ (بني اسرائيل:27) فتويٰ جي ڪتاب ”فتاوي اجمليه“ ۾ آهي ته شب برات ۾ رائج آتش بازي يقينن اِسراف ۽ فضول خرچي آهي، تنهنڪري هن جو ناجائز ۽ حرام هجڻ ۽ اهڙا ڦٽاڪا ٺاهڻ، وڪرو ڪرڻ ۽ خريد ڪرڻ سڀ شرعي طور تي منع آهي (.فتاوي اجمليه ج4ص52) مفتي احمد يار خان نعيمي پنهنجي ڪتاب ۾ لکن ٿا ته”هن رات کي گناهن ۾ گذارڻ وڏي محرومي جي ڳالهه آهي، آتش بازي جي باري ۾ مشهور آهي ته اها نمرود بادشاهه ايجاد ڪئي، جڏهن ان حضرت سيدنا ابراهيم عليه السلام کي باهه ۾ وڌو ۽ باهه گلزار ٿي وئي ته ان جي ماڻهن باهه جا ڦٽاڪا ڀري ان ۾ باهه لڳائي حضرت سيدنا خليل الله عليه السلام جي طرف اڇلايا“(اسلامي زندگي،ص 77) ان ڪري اچو ته هن ڀلاري رات ۾ عبادت جو اهتمام ڪريون ۽ الله جي حضور دعا ڪريون ته يا الله هن وقت دنيا ۾ جيڪو ڪرب جو عالم آهي ان مان سموري انسانيت کي نجات عطا فرما.