154

آءِ ايم ايف جا قرض ۽ پاڪستان جو غريب عوام…؟؟

ليکڪ: تنوير ملڪ

ڪراچي ۾ ايندڙ شين جي ڪليئرنس واري شعبي سان لاڳاپيل رضوان احسان جي بجلي جي بل ۾ گذريل ڪجهه مهينن ۾ نمايان واڌ ٿي، رضوان احسان مڊل ڪلاس طبقي جو آهي ۽ هو ڪراچي ۾ هڪ فليٽ ۾ رهندو آهي، جنهن ۾ سندس خاندان جا 4 فرد به شامل آهن.رضوان ٻڌائي ٿو ته سندس بجلي جو بل ڪجهه مهينا اڳ 5 کان 6 هزار رپيا اچي رهيو هو پر هڪ ٻن مهينن ۾ اهو وڌي 10 هزار رپين تائين وڃي پهتو آهي، هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ موسم جي تبديلي ڪري ڪجهه بل جو وڌڻ ته سمجهه ۾ اچي ٿو پر ان جو ٻيڻو ٿي وڃڻ سمجهه کان مٿي آهي، بجلي جي بلن ۾ اها واڌ ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح به وڌائي رهي آهي ۽ عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جي پاڪستان لاءِ 50 ڪروڙ ڊالرن جي قسط جاري ڪرڻ واي منظوري کانپوءِ اهو بل اڃا به وڌي سگهي ٿو، ڇو ته ان قسط لاءِ حڪومت جن شرطن تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي اهي معاشي ماهرن مطابق انتهائي سخت آهن. حڪومت جن شرطن تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي انهن ۾ بجلي جي شعبي جا اگهه وڌائڻ ۽ ٽئڪسن تي ڇوٽ واري خاتمي جو شرط به شامل آهي، معيشت جي ماهرن مطابق ايندڙ ڏينهن ۾ ان مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح ۾ واڌ ڪري سگهي ٿي، جيڪا ملڪي معاشي پيداوار کي انتهائي متاثر ڪندي ۽ مصنوعات مهانگي ٿي ويندي، پاڪستان کي 50 ڪروڙ ڊالرن جي قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ کانپوءِ آءِ ايم ايف پنهنجي اعلان ۾ چيو آهي ته اٿارٽيز (پاڪستاني عملدارن) اهم شعبن ۾ اصلاحن وارن عمل جاري رکيو جن ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري، پاور سيڪٽر ۾ اصلاحون ۽ ڪارپوريٽ ٽئڪس وغيره شامل آهن.واضح رهي ته 50 ڪروڙ ڊالر جي قسط پاڪستان کي ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي (اي ايف ايف) تحت جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن تي آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جولاءِ 2019ع ۾ صحيحون ڪيون هيون، ان تحت پاڪستان کي آءِ ايم ايف طرفان 6 ارب ڊالرن جي قرض جي منظوري ڏني وئي ته جيئن ملڪ جي پرڏيهي قرض ڏيڻ سان گڏوگڏ پائيدار اقتصادي ترقي لاءِ مدد فراهم ڪري سگهجي، ان پروگرام تحت هن وقت تائين پاڪستان کي ٻن قسطن ۾ 1.5 ارب ڊالرن جي رقم ملي چڪي هئي ۽ هاڻ 50 ڪروڙ ڊالرن کانپوءِ ان قرض مان 2 ارب ڊالر وصول ٿي ويندا.هن وقت پاڪستان ۾ مهانگائي جي عام منظرنامي کي ڏٺو وڃي ته ان جي شرح بلندي طرف روان دوان آهي، پاڪستان جي مرڪزي بئنڪ ويجهڙ ۾ ئي پنهنجي مانيٽري پاليسي  بيان ۾ چيو آهي ته مهانگائي وارا تازا انگ اکر وٽڙيل رهيا آهن ۽ جنوري ۾ ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ عام مهانگائي پست ترين رهي آهي، جنهن کانپوءِ ان ۾ فيبروري ۾ تيزي سان واڌ ٿي آهي، اسٽيٽ بئنڪ جي ڪاٿن مطابق بجلي جي اگهن ۾ تازي واڌ ۽ کنڊ ۽ ڪڻڪ جون وڌايل قيمتون جنوري ۽ فيبروري جي انگن اکرن وچ ۾ مهانگائي ۾ 3 سيڪڙو واري درجي جي واڌ تقريبن 1.5 سيڪڙو درجي جا ذميوار آهن، بجلي جي قيمتن ۾ تازي واڌ ايندڙ مهينن دوران عام مهانگائي وارن  انگن اکرن ۾ ظاهر ٿيندي رهندي، جنهن سان مالي سال 2021ع ۾ اوسط مهانگائي ان کان اڳ اعلان ڪيل 9.7 سيڪڙو جي حدن جي ويجهو رهندي، اي ڪي ڊي سيڪيورٽيز ۾ معاشي معاملن جي ماهر ايليا نعيم امڪان ظاهر ڪيو آهي ته هلندڙ مالي سال جي آخري 4 مهينن ۾ مهانگائي واري شرح ۾ واڌ جو امڪان آهي ۽ اها 10 سيڪڙو تائين وڃي سگهي ٿي، حڪومت ملڪ ۾ بجلي جي اگهن ۾ هلندڙ سال جي شروع ۾ 16 سيڪڙو واڌ ڪئي هئي، جڏهن ته هن ئي سال جي آخري ٽماهي تائين 36 سيڪڙو واڌ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، جيڪا آءِ ايم ايف کان پئسا وٺڻ وارن شرطن جو حصو هئي، واضح رهي ته وفاقي ڪابينا تازو ئي بجلي جي في يونٽ تي 5 رپيا 65 پئسا وڌائڻ جي منظوري ڏني آهي، جنهن ذريعي آڪٽوبر تائين عام ماڻهن کان 800 ارب رپيا وصول ڪيا ويندا، جنهن جو مقصد بجلي جي شعبي ۾ گردشي قرض گهٽائڻ آهي.

پاڪستان جي اڳوڻي خزاني واري وزير ۽ ماضي ۾ آءِ ايم ايف سان ٺاهن واري ٽيم جو حصو رهندڙ ڊاڪٽر حفيظ پاشا چيو ته موجوده پروگرامن جي بحالي لاءِ شرطن ۾ سڀ کان وڏي پريشاني بجلي جي اگهن ۾ بي تهاشا واڌ تي پاڪستان جو رضامند ٿيڻ آهي جيڪو مهانگائي جي هڪ نئين لهر کي جنم ڏيندو. ايليا نعيم ان سلسلي ۾ چيو ته آءِ ايم ايف جي شرطن تحت بجلي جي اگهن ۾ واڌ ايندڙ ٽن سالن تائين جاري رهندي، هن چيو ته آءِ ايم ايف جي شرطن تحت بجلي جي اگهن ۾ ٿيندڙ واڌ هڪ  عام ماڻهو کي سخت متاثر ڪندي، هن اهو به چيو ته حڪومت 300 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي هميشه سبسڊي ڏئي واڌ جو اثر زائل ڪندي رهي آهي پر آءِ ايم ايف مختلف شعبن ۾ سبسڊي جو به خاتمو چاهي ٿو، جنهن ۾ 300 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي ڏني ويندي سبسڊي به شامل آهي. هن چيو ته حڪومت هن سال ناڻي واڌ جو ٽارگيٽ 7 کان 9 سيڪڙو جي وچ ۾ رکيو هو پر هن وقت تائين ناڻي واڌ جي شرح 8 کان 9 سيڪڙو جي وچ ۾ هلي رهي  آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ اها 10 سيڪڙو شرح تي پهچي سگهي ٿي، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر حفيظ پاشا وڌيڪ چيو ته بجلي جي اگهن کانسواءِ ملڪ ۾ مهانگائي تي ڪنٽرول لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي شرطن تحت وياج جي شرح ۾ واڌ ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته ان ڳالهه جو ڀرپور امڪان آهي ته اسٽيٽ بئنڪ ايندڙ مهينن ۾ وياج جي شرح ۾ واڌارو ڪري ڇڏيندي، پاڪستان ۾ وياج جي شرح هن وقت 7 سيڪڙو آهي جيڪا ڪورونا وبا کان اڳ 13.25 سيڪڙو هئي، پر دنيا جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ اڃا به وياج جي شرح بلند سطح تي موجود آهي. ڊاڪٽر پاشا چيو ته وياج جي شرح ۾ واڌ ملڪ جي معاشي پيداوار لاءِ انتهائي نقصان واري ثابت ٿيندي پر آءِ ايم ايف جي شرطن تي عمل لاءِ ان کي وڌائڻو پوندو،  ايليا نعيم به وياج جي شرح وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو، ڇو ته مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ اهو ئي ڪم ڪندي، هن ايندڙ 3 کان 6 مهينن ۾ وياج جي شرح ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، وياج جي شرح وڌڻ سان بئنڪن طرفان ملندڙ قرض وڌيڪ مهانگن اگهن ۾ حاصل ٿيندو، جيڪو ڪاروباري شعبن جي لاڳت کي وڌائي انهن جي تيار ڪيل مصنوعات مهانگي ڪري ڇڏيندو، معاشي ماهر ۽ استاد ڊاڪٽر رشيد امجد چيو ته ان پروگرام تحت غريبن مٿان مهانگائي جا خراب اثر پوڻ وارو تاثر ٺيڪ آهي، هن چيو ته ان جو سڀ کان وڌيڪ اثر 17 کان 20 هزار رپين جي آمدني وارن ماڻهن تي وڌيڪ پوندو، هن تجويز ڪيو ته حڪومت پنهنجي احساس پروگرام تحت بجلي جي قيمتن ۾ ٿيندڙ واڌ کي گهٽ آمدني وارن فردن لاءِ هڪ، ٻه هزار ادا ڪري ان جو اثر ختم ڪري سگهي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو