132

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ملڪ ۾ سمورين تقريبن تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ملڪ ۾ سمورين ان ڊور ۽ آئوٽ ڊور تقريبن تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اين سي او سي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق اهڙا شهر يا ضلعا جتي ٽن ڏينهن تائين مسلسل ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 8 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ هوندي اتي 5 اپريل کان شادي جي تقريبن تي مڪمل پابندي هوندي، جڏهن ته صوبا مقامي صورتحال کي ڏسندي پابندي جو جلد فيصلو به ڪري سگهن ٿا. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سمورين ان ڊور ۽ آئوٽ ڊور تقريبن تي ترت پابندي لاڳو آهي، جڏهن ته اين سي او سي 29 مارچ کان صوبن کي لاڪ ڊائون لاڳو ڪفرڻ لاءِ ڪورونا جو ”هاٽ اسپاٽ نقشو“ به فراهم ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو