135

پنجاب ۾ شادي جي تقريبن تي پابندي، پارڪ ۽ ريسٽورنٽ بند ڪرڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ پهرين اپريل کان ان ڊور ۽ آئوٽ ڊور شادي وارين تقريبن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي صدارت هيٺ ڪورونا جي خاتمي بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا ۽ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي سخت فيصلا ڪيا ويا. ڪابينا ڪميٽي اين سي او سي جي فيصلن تي سختي سان عملدرآمد جي لائحه عمل جي منظوري ڏني، جنهن کانپوءِ سڄي صوبي ۾ مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون واري پاليسي اختيار ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار چيو ته صوبي ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر جي پکيڙ واري شرح 14 سيڪڙو ٿي چڪي آهي، لاهور ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران مثبت ڪيسن جي شرح 21 سيڪڙو آهي، ٻين ضلعن ۾ به ڪورونا وبا تيزيءَ سان پکڙجي رهي آهي، جنهنڪري صحت واري نظام تي سخت دٻاءُ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو