148

(ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي هميشه لاءِ جدا ٿي ويا، فيصلو مولانا فضل الرحمان کي ڪرڻو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي هميشه هميشه لاءِ الڳ ٿي ويا آهن، اصل فيصلو مولانا فضل الرحمان کي ڪرڻو آهي. اسلام آباد ايڪسپريس وي قائداعظم پوٽريٽ جي نئين سر اڏاوت ڪئي وئي، جنهن جو افتتاح ڪندي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته 60 ڏينهن اندر اندر قائداعظم آرڪائيو ٺاهينداسين، اسلام آباد جي هر پارڪ کي 15 ڏينهن کانپوءِ ٻيهر رنگ روغن ڪنداسين، شهر کي باغن ۽ پارڪن جو شهر بڻائينداسين. هن چيو ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي هميشه هميشه لاءِ الڳ ٿي ويا آهن، اصل فيصلو مولانا فضل الرحمان کي ڪرڻو آهي، هي سڀ عمران خان خلاف گڏ ٿيا هئا پر پاڻ ۾ نه پيا ٺهن، پي ڊي ايم ۾ اختلاف مخالف ڌر جي نااهلي آهي، کين چوڻ چاهيندس ته عمران خان توهان جي ڪري ناهي وڃڻو، اسيمبلين ۾ اچو ته ڳالهايون. هن چيو ته کنڊ اسڪينڊل کي شهزاد اڪبر ڏسي رهيو آهي ۽ لاڪ ڊائون تي اين سي او سي ڪم ڪري رهيو آهي، منهنجو انهن سان ڪم ناهي، مان پنهنجي وزارت ۾ ڪنهن کي دخل اندازي ڪرڻ ناهيان ڏيندو ۽ نه ئي ڪنهن جي وزارت ۾ دخل اندازي ڪندو آهيان.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو