147

علي ظفر خلاف مهم: ايف آءِ اي ميشا شفيع سوڌو 9 جوابدارن خلاف چالان پيش ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) مقامي جڊيشل عدالت ايف آءِ اي طرفان سوشل ميڊيا تي اداڪار ۽ گلوڪار علي ظفر خلاف جنسي هراساني جي مهم هلائڻ جي ڪيس ۾ نامزد ماڊل ۽ اداڪاره ميشا شفيع ۽ ٻين ساٿين لينا غني، اداڪاره عفت عمر، فريحا ايوب، فيضان رضا ۽ حسيم خلاف مڪمل چالان پيش ڪري ڇڏيو آهي. ضلعي عدالت ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ ذوالفقار باري جي عدالت ۾ ڪيس جو چالان پيش ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي جي چالان ۾ ميشا شفيع سميت ٻين 9 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي. چالان ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ميشا شفيع ايف آءِ اي جي طلب ڪرڻ تي پيش ٿي ۽ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو. عدالت 10 اپريل تي ڪيس جي ٻڌڻي تي ميشا شفيع سميت 9 جوابدارن کي طلب ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو