288

ملڪ ۾ 2030ع تائين پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي ويندي: مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ قومي ڪانفرنس

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سماجي تنظيمن هينڊز ۽ يو ايس ايڊ جي سهڪار سان مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي  ڄامشورو جي پاڻي جي اعليٰ تحقيقي مرڪز جي آڊيٽوريم ۾ قومي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ پاڻي جي ماهرن، محققن ۽ استادن ڳالهائيندي چيو آهي ته بهتر انتظام، واضح پاليسي ۽ عمل درآمد نه هجڻ ڪري ملڪ ۾ 2030ع تائين پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي ويندي، شهرن ۾ پاڻي جي خراب انتظامڪاري ڪري پيئڻ جي صاف پاڻي جي پهچ، پاڻي جي صحت، نيڪاسي جي پاڻي ۽ ماحوليات سان لاڳاپيل مسئلا تمام گهڻا وڌي ويندا. هينڊز ۽ يو ايس ايڊ پاران ڪوٺايل قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو ته قانونسازي ڪندڙن، پاليسيون ٺاهيندڙن، صنعتڪارن، زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ محققن کي پاڻي ۽ ماحوليات جي معاملن تي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ جٽادار ترقي کي نظر ۾ نٿو رکيو وڃي، ان ڪري اڪثر پاليسيون ناڪام ثابت ٿين ٿيون. هن چيو ته جيڪا ڄاڻ عوام کي فائدو نٿي پهچائي، عوام جي زندگي ۾ بهتري نٿي آڻي اها ڪتابي ڄاڻ آهي. هن چيو ته نوجوان اسڪالرن کي عوام ۽ معاشري جي مسئلن جا حل تلاشڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. وائيس چانسلر چيو ته اسان وٽ ذهين ۽ ڪم وارن ماڻهن جو قدر ڪونهي. هن چيو ته تازوئي جنهن غير مهذب طريقي سان هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر طارق بنوري کي هٽايو ويو آهي، اهو اسان جي حڪمرانن جي عملن ۽ فيصلن جو هڪ مثال آهي. هينڊز جي ڊاڪٽر تنوير احمد شيخ چيو ته پنهنجي ماڻهن، علائقن ۽ خاص طور تي پٺتي پيل علائقن جي زندگين جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته يونيورسٽين کي ڪئمپس کان ٻاهر جي زندگين جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ کپي. هن چيو ته هينڊز اين جو او مان هاڻي هڪ يونيورسٽي بڻجڻ وڃي رهي آهي. هن چيو ته هن وقت هينڊس تقريبن 22 هزار ڳوٺن جي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. جنهن ۾ تعليم، صحت، صحتمند غذا، پيئڻ جي پاڻي، نيڪاسي جي نظام ۽ ٻِين معاملن تي هينڊز ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته 60 هزار ٻارڙن کي هينڊز تعليم ڏئي رهي آهي. هن چيو ته بي گهر ماڻهن کي گهر جي سهولت ڏيڻ اسان جي ڪم ۾ شامل آهي. ڪانفرنس جي مک مقرر حسار فائونڊيشن جي چيئرپرسن سيمي ڪمال چيو ته پاڻي جو مسئلو سڌي طرح انساني صحت جو مسئلو آهي. هن چيو ته پاڻي جي ڪري خوراڪ جي کوٽ سميت ٻيا اهم مسئلا پيدا ٿين ٿا. مس سيمي ڪمال چيو ته شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ نيڪاسي جي پاڻي جي ڪري بيماريون پيدا ٿين ٿيون. هن چيو ته ڪراچي ۾ ايتري پاڻي جي کوٽ ناهي، جيتري پاڻي جي خراب انتظامڪاري آهي. هن چيو ته اسان جي ماڻهن کي بهتر طريقي سان پاڻي جو استعمال نٿو اچي، عادتون خراب آهن. هن چيو ته ماڻهن جا ذهن تبديل ڪرڻا پوندا. هن چيو ته ملڪ ۾ پنجاب ۾ زمين جو پاڻي سٺو آهي، پنجاب جو پاڻي جو مسئلو ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ مختلف آهي. هن چيو ته آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي، پاڻي جي معاملي کي سنجيدگي سان ڏسڻو پوندو. هن چيو ته برسات جو پاڻي اسان وٽ محفوظ نٿو ٿئي اهو محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڻي جي ريسائڪلنگ سان به ڪافي بچت ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته محققن ۽ شهرين کي گڏجي قانونسازي ڪندڙن، پاليسيون ٺاهيندڙن ۽ پاليسين تي عمل ڪرائيندڙن تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي ته اهي عوام دوست ۽ ماحول دوست قانون، پاليسيون ٺاهين ۽ انهن تي عمل درآمد ڪرائين. افتتاحي تقريب کي مهراڻ يونيورسٽي جي واٽر سينٽر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش مهر، ڪانفرنس جي ڪنوينر ڊاڪٽر ڪامران انصاري، غلام مصطفيٰ زنئور ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو