253

ميزائل تجربن تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس ٻٽو معيار آهي: اتر ڪوريا

سيئول (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا پنهنجن ميزائل تجربن تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي يورپي ميمبرن طرفان اڱاري تي منعقد هنگامي اجلاس کي ان جو ٻٽو معيار قرار ڏنو آهي. رپورٽن مطابق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي يورپي ميمبرن اتر ڪوريا جي ميزائل تجربن تي بحث لاءِ اڱاري تي هنگامي اجلاس منعقد ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. اترڪوريا جي پرڏيهي وزارت جي سينيئر عهديدار جوچولسو چيو ته سڄي دنيا جا ڪيترائي ملڪ سمورن قسمن جا ميزائل تجربا ڪري رهيا آهن ۽ ان پڻ ٻه نوان ميزائل تجربا ڪيا آهن پر سلامتي ڪائونسل هنگامي اجلاس منعقد ڪري اتر ڪوريا لاءِ ٻٽو معيار اختيار ڪري رهي آهي جيڪو ٻيٽ جهڙي ڪوريا ۾ جارحيت جو سبب بڻجندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو