سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته موجوده مهانگائي اڳوڻن حڪمرانن جي ڪرپشن جو نتيجو آهي. اهڙو اظهار هن هيڊ مراله جي دؤري جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ماضيءَ جي حڪمرانن قرض وٺي اورينج ٽرين ۽ ميٽرو بس جهڙين نمائشي رٿائن ذريعي عوام کي دوکو ڏنو. گذريل حڪومتن اربين ڊالرن جا قرض کڻي ملڪ کي قرض جي دُٻڻ ۾ آندو ۽ معيشت جو جنازو ڪڍيو ۽ هاڻي نوبت اهڙي اچي پهتي آهي جو سندن ورتل قرضن جي ادائگيءَ لاءِ وڌيڪ قرض وٺڻو پئجي رهيو آهي. حڪومت اهڙن چئلينجن کي مُنهن ڏئي رهي آهي ۽ ملڪ کي قرضن جي دُٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهي. جلد مهانگائيءَ سميت سمورن مسئلن تي ضابطو آندو ويندو.
126