123

وزيراعظم عمران خان جي صحت ۾ لاڳيتو بهتري اچي رهي آهي: ڊاڪٽر فيصل سلطان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي قومي صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڪووڊ-19 کان صحت ۾ لاڳيتو بهتري اچي رهي آهي. سومر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته ڊاڪٽرن وزيراعظم کي مشورو ڏنو آهي ته هو ڪجهه ڏينهن ۾ معمول جو ڪم ٻيهر شروع ڪري سگهي ٿو. اهو مشورو قومي ۽ عالمي گائيڊ لائينز جي مطابق ڏنو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو