130

حماد اظهر ناڻي وارو وفاقي وزير مقرر، ڪابينا ڊويزن نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حماد اظهر کي ناڻي وارو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو ڪابينا ڊويزن نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي، ان کانسواءِ ڪابينا ڊويزن حفيظ شيخ کي وفاقي وزير واري عهدي تان هٽائڻ جو نوٽفڪيشن به جاري ڪيو. واضح رهي ته وفاقي حڪومت گذريل ڏينهن حفيظ شيخ کان ناڻي واري وزارت جو قلمدان واپس وٺڻ ۽ وفاقي وزير حماد اظهر کي اها ذميواري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو