141

پاڪستان خيرات وٺي ڪورونا جو مقابلو ڪري رهيو آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان خيرات وٺي ڪورونا جو مقابلو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته اين سي او سي ناڪام ٿي چڪي آهي، کيس خبر ئي ناهي ته ڇا ڪرڻو آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته براڊ شيٽ جو اسڪينڊل آيو ۽ فائلون گم ٿي ويون، نيب عدالتن ۾ ڪئميرائون لڳائي ۽ ماڻهن کي ڏيکاري. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سنجيده معاملو آهي، سال ٿي ويو آهي پر پاڪستان ڪورونا تي ضابطو آڻي نه سگهيو آهي، هڪ سال اڳ موت جي جيڪا شرح هئي اڄ پاڪستان ۾ ان کان وڌيڪ آهي، ٻين ملڪن جي پاليسي ۾ پهريون نقطو ئي ماسڪ پائڻ آهي ۽ پاڪستان ۾ ماسڪ پائڻ 13هون نقطو آهي. هن چيو ته معيشت تباهه ٿي چڪي ته پوءِ خبر پئي ته اسان جو ناڻي وارو وزير نالائق آهي، اين سي او سي ناڪام ٿي چڪي آهي ڇاڪاڻ ته کيس خبر ئي ناهي ته ڇا ڪرڻو آهي، اين سي او سي جي 16 نقطن ۾ هڪ هنڌ به ويڪسين جو ذڪر ناهي، ويڪسين جو ذڪر ان لاءِ ناهي ته ڪرپشن ويڪسين ۾ ٿي رهي آهي، پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن ڪورونا وائرس جو هڪ ٽيڪو به خريد ناهي ڪيو، پاڪستان خيرات وٺي ڪورونا جو مقابلو ڪري رهيو آهي، ملڪ ۾ ماڻهن لاءِ ويڪسين ميسر ناهي پر اهي ڪير آهن جن کي ويڪسين لڳي رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو