اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان اڳوڻي ڪي اليڪٽرڪ چيئرمين تابش گوهر کي پيٽروليم بابت خاص صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي. تابش گوهر کي پيٽروليم بابت خاص صلاحڪار جي اضافي چارج ڏيندي اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. ڪابينا ڊويزن نديم بابر کي خاص صلاحڪار واري عهدي تان هٽائڻ جو پڻ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. تابش گوهر کي گذريل سال به وزيراعظم جو توانائي بابت خاص صلاحڪار مقرر ڪيو ويو هو پر هلندڙ سال جنوري ۾ هن استعيفيٰ ڏني، هو رڳو 2 مهينا ئي خاص صلاحڪار رهيو هو.
158