اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ موت واري سزا جي ڏوهاري جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ رجسٽري لاهور ۾ جسٽس منظور ملڪ، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس امين الدين تي ٻڌل ٽه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت قرار ڏنو ته انور ڏوهه وقت نابالغ هو ۽ هو 2001ع واري صدارتي حڪم جي فائدي جو حقدار آهي. جسٽس پراجيڪٽ پاڪستان جي سربراهه بئريسٽر ساره بلال دليل ڏيندي چيو ته انور کي ڀائرن سميت 1993ع ۾ گرفتار ڪيو ويو، ان وقت سندس عمر 17 سال هئي ۽ هو 28 سالن کان قيد آهي، کيس 3 ڀيرا دل جو دورو پيو آهي، جڏهن ته هو جزوي طور مفلوج ٿي چڪو آهي. عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ڏيندي جوابدار جي موت واري سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
147