اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 30 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي پڌرائي مطابق پاڪستان لاءِ منظور ڪيل رقم مان 300 ميگاواٽ پن بجلي ٺاهڻ جو منصوبو مڪمل ڪيو ويندو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پن بجلي ٺاهڻ وارو منصوبو ڪلين توانائي پيدا ڪرڻ جو آهي، منصوبي جي تڪميل سان پاڪستان ۾ توانائي سيڪيورٽي ۾ اضافو ٿيندو، جڏهن ته هي منصوبو بالاڪوٽ ويجهو درياهه جي ڪناري تي تعمير ٿيندو.
137