227

لياقت باغ راولپنڊي ۾ جلسو ڪرڻ جماعت اسلامي کي مهانگو پئجي ويو، وڌيڪ هڪ ڪيس

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ جلسو ڪرڻ تي پوليس جماعت اسلامي خلاف سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جو وڌيڪ هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.  جماعت اسلامي تي ٻِي ايف آءِ آر پارڪس اينڊ هارٽيڪلچر اٿارٽي داخل ڪرائي. ايف آءِ آر مطابق جماعت اسلامي جا 200 کان وڌيڪ ڪارڪن زبردستي لياقت باغ ۾ داخل ٿيا، انهن پي ايڇ اي سيڪيورٽي عملي منهن ماري ڪئي. جماعت اسلامي تي ٻيو ڪيس ايڊمنسٽريٽر پارڪس راشد علي جي درخواست تي داخل ڪيو ويو، جنهن مطابق جماعت اسلامي جي ڪارڪنن لياقت باغ جي مک دروازن جا تالا ٽوڙيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو