130

خانپور ڀرسان ماني دير سان پچائڻ تي ساهرن هٿان ناري قتل

خانپور (ويب ڊيسڪ) خانپور ڀرسان ڳوٺ رمضان ميمڻ ۾ گهرو اڻبڻت تان ساهرن هٿان ناري قتل ٿي وئي آهي. جوابدار رحيم بخش شر ماني دير سان پچائڻ تي پنهنجي ننهن سونهاري کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي مقتولا جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ۽ معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. واقعي تي علائقي ۾ ساهرن پاران ماني دير سان پچائڻ ۽ ڪارنهن الزام هيٺ ناري کي قتل ڪرڻ جا چوٻول هلي رهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو