214

مرحوم بشير احمد هاليپوٽو عوام جو حقيقي ليڊر…

ليکڪ: علي حيدر شاهه

هن ڌرتي ڪيئي دودا دولهه درياخان، هوشو شيدي جهڙا دلير مڙس پيدا ڪيا، ڪيئي وڏيرا وڏا ماڻھو پيدا ٿيا، هن ڌرتي تي ڪيئي سخي سردار پيدا ٿيا، ڪيئي وڏا ماڻھو هوندي وڏائي ۽ تڪبر کان پري رهيا، مال ملڪيت ميڙي گڏ ڪرڻ کان پري رهيا، پنهنجي سڄي زندگي خدا جي مخلوق ۽ پنهنجي ثقافت کي زندهه رکڻ ۾ گذاري ڇڏيائون، وڏي فخر سان چئي سگهجي ٿو ته مرحوم وڏيري بشير احمد هاليپوٽي ۾ اهي سڀ خوبيون موجود هيون، جنهن پنهنجي سڄي حياتي غريب ۽ مسڪين ماڻھن جي خدمت ڪندي گذاري ڇڏي، هو سخي، مهمان نواز، يارن جو يار ۽ غريبن جو وڏو همدرد انسان هو، يقين سان چوان ٿو ته سندس پاڙون عوام ۾ ھيون، پاڻ طبيعت ۾ جيترو نرم مزاج هو اوترو هٺيلو به هو، پاڻ ھميشه سچ ۽ سچائي تي قائم رهيو، مرحوم جي عوام سان ايتري ته ميل جول ۽ ويجهڙائي هئي جو سندس سياسي مخالف نالي کان ڊڄندا هئا، سندس سياست ۽ شخصيت بي عيب رهي، هر عيب کان پاڪ رهي، سچ پچ ته ڪرپشن کي وڏو عيب سمجهندو هو، غريبن جي بنا لالچ خدمت ڪرڻ ئي سندس اصل سياست هئي، جنهن ڪري مخالفن کي ٽوٽا چٻائي ڇڏيائين ۽ پاڻ ڪامياب ٿيندو آيو، ڪڏهن به ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍيائين، ڪاڻ ڪڍيائين ته پنهنجي تڪ جي غريب ماڻھن جي ڪڍيائين، جن جو کين هر وقت اونو رهندو هو، اهوئي سبب آھي جو عوام ساڻس بي پناهه محبت ڪندو هو ۽ مٿس عاشق هو، تنهنڪري پاڻ نه رڳو پنهنجي تڪ پر سڄي سنڌ ۾ ”سنڌ جي امير“ لقب سان ڄاتو سڃاتو ويندو هو، مرحوم بشير احمد هاليپوٽو ڪڻڪائون رنگت سان گڏ قدآور شخصيت جو مالڪ هو، پاڻ سدائين پنهنجي ثقافت جو ويس ڍڪي هلندو هو، سچ پچ ته پاڻ سنڌي ثقافت جو بي مثال نمونو هو، هو سدائين مٿي تي ٽوپي پائيندو هو ۽گهڻو ڪري بوسڪي جو پٽڪو سندس وڏي سڃاڻپ رهي، هو جڏهن گهوڙي تي لانگ واري ملاکڙي ۾ لهندو هو ته ٻانهين ۾ ھر طرف تاڙيون وڄي وينديون هيون، ان ويل ائين لڳندو هو ته ڄڻ سنڌ جو ڪو شھزادو گهوڙي تي چڙھيو آھي، آخري وراڻي تي مسڪرائيندي عوام جو سلام ڪري آڌرڀاءَ ڪندو هو، عوام به ساڳي موٽ ڏيندي سندس والهانه استقبال ڪري تاڙيون وڄائيندا هو، ان وقت ٻانهين مان واهه امير واهه جو آواز گونجندو هو، آئون پاڻ به مرحوم کي ميلي ۾ گهوڙا ڊوڙائيندي ننڍپڻ کان ڏسندو اچان، پيدا ڪرڻ واري ذات سندس باڊي ۽ بناوت بنهه خوبصورت ۽ ڏسڻ وٽان ٺاهي هئي، سچ پچ ته عوام جي دلين تي راڄ ڪندو هو، ميلي ۾ ھرڪنهن کي انتظار هوندو هو ته وڏيرو ڪنهن مهل ٿو گهوڙي تي چڙھي، جيتوڻيڪ جو وڏيرو شاهنواز جوڻيجو سنڌ ۾ ڪلاسيڪل وڏيري جي نالي سان مشھور هو، ان کانپوءِ بدين، لاڙ پٽي جو هي امير جنهن کي به ماڻھو ڪلاسيڪل وڏيري طور مڃڻ ۽ ياد ڪرڻ لڳا، ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته مرحوم بشير هاليپوٽو سنڌ جي ٻين وڏن ماڻھن کان ڪافي مختلف هو، پاڻ پنهنجي ذات جو سردار هئڻ باوجود پنهنجي ذات جي خدمت ڪرڻ بدران هر غريب جي خدمت ڪرڻ تي يقين رکندو هو، پاڻ وڏيرو هوندي به وڏيرڪي سوچ جو مخالف هو، پاڻ غريبن سان پٽ تي ويهي رهندو هو، اهائي سندس وڏي خوبي هوندي هئي، ميلن، ملاکڙن ۽ ڪچھرين ۾ ڪانڀ ڪڍي پٽ تي پاٿولي هڻي سگريٽ مُٺ تي پيئڻ به وڏيري جي نرالي عادت هئي، سندس چھري تي کل خوشي سجايل هوندي هئي ۽ سندس مرڪ ڏسڻ وٽان هوندي هئي، مرحوم بشير هاليپوٽي جو تعلق سياسي گهراڻي سان هئڻ ڪري هن جو لاڙو به ننڍپڻ کان ئي سياست طرف هو، وڏي ڳالهه اها آھي ته وڏيري جو پنهنجي ثقافت سان وڏو عشق هو، اهوئي سبب آھي جو ان شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ پاڻ پڙھائي اڌ ۾ ڇڏي پنهنجو دلي شوق پورو ڪرڻ کي ترجيح ڏنائين، مرحوم بشير هاليپوٽي، وڏيري حاجي محمد صالح ھاليپوٽي جي گهر ۾ 1948ع ۾ اک کولي، اڪيلو پٽ ھئڻ ڪري مائٽن کيس وڏي لاڏ ڪوڏ سان نپائي وڏو ڪيو، پاڻ ڀلا ڍڳا، ڀليون مينهون، ڀلا ڪڪڙ ۽ ڀلا گهوڙا ڌارڻ جو وڏو شوقين هو، اهوئي سبب آھي جو سندس ڦلڪارا ۾ سندس ڳوٺ وارو بنگلو هر وقت اميرن، غريبن ۽ مهمانن سان بنگلو ڀريل نظر ايندو هو، منجهس عوام جي خدمت ڪرڻ جو جذبو هو، عوام سان اڻ ٽُٽُ رشتو قائم ٿيڻ ڪري مرحوم بشير احمد هاليپوٽو ٽي ڀيرا ايم اين اي چونڊجي ويو، 1985ع ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت ۾، جڏهن ته 1988ع ۽ 1990ع ۾ ماتلي جي تڪ تان ايم اين اي ٿيو، ان کانسواءِ ماتلي جي تڪ تان 2013ع ۽ 2018ع ۾ پ پ پ جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته 1988ع ۾ صوبائي اسيمبلي جو پارلياماني سيڪريٽري پڻ چونڊجي چڪو آھي، ان کانسواءِ پاڻ پنهنجي پيءُ جي حياتي ۾ 1978ع ۾ سانوڻ فقير جي نالي سان ڦلڪارا ۾ ميلو لڳائڻ شروع ڪيائين، جيڪو اڳيان هلي نه رڳو علائقي پر سڄي سنڌ لاءِ وڏي تفريح ۽ ڪاروبار جو وڏو سبب بڻيو. اهو ميلو اڄ به هر سال وڏي ڌام ڌوم سان لڳندو اچي، اوهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته وڏيري پنهنجي دور ۾ علائقي ۾ اڻ ڳڻيا ترقياتي ڪم ڪرايا، پيئڻ جي صاف پاڻي کان وٺي اسڪول کولرائڻ، اسپتالون قائم ڪرڻ وڏيري جو مشن هو، ان کانسواءِ تعلقي ماتلي ۾ وڌندڙ سم ۽ ڪلر جي خاتمي لاءِ مرحوم 2016ع ۾ سنڌ حڪومت کان 3 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيندڙ سم نالو منظور ڪرايو، سياسي مداخلت جي باوجود به ان نالي جو ڪم هلندڙ آھي، مرحوم جون اهي خدمتون ڪنهن به صورت ۾ وساري نٿيون سگهجن، وري خدا کي شايد ٻيو منظور هو، وڏيري کي جگر جي تڪليف ٿي پئي، علاج وغيره ڪرائڻ باوجود طبيعت ۾ سڌارو نه آيو ۽ پاڻ 23 مارچ تي اڱاري جي ڏينهن دم ڌڻي حوالي ڪيائين، سندس ٽيجهي جي موقعي تي سندس ڀاڻج ڏاڏا محمد هاليپوٽي برادري ۽ عوام آڏو اعلان ڪيو ته رمضان مهيني کانپوءِ سندس ماما جي پٽ بئريسٽر شهزاد احمد هاليپوٽي کي سرداري ڳ ٻڌرائي ويندي، هاڻ عوام کي ان ڏينهن جو انتظار آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو