187

ماحولياتي گدلاڻ ۽ سنڌ ۾ صنعتي ترقيءَ وارو خواب….!!

ليکڪ: الطاف ابڙو

ماحول ۾ خطرناڪ مادا موجود آهن، جن کي عام طور گدلاڻ سڏبو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي انساني صحت، ٻوٽن جي زندگي ۽ سامونڊي جيوت تي تمام سخت ۽ خراب اثر وجھن ٿا، ڳرن ڌاتن، ڪيميڪلز ۽ ٻين قسمن جي خطرناڪ مادن واري ناصاف صنعتي گدلاڻ اسان جي ماحولياتي نظام ۾ موجود سڀني جاندارن جي صحت لاءِ خطرو آهي، عام طور تي گدلاڻ جا 7 قسم بيان ڪيا ويا آهن، جهڙوڪر هوائي، آبي، تابڪار، صنعتي ۽ ٿرمل گدلاڻ، گدلاڻ واريون اهي شڪليون ماڻهن کي فوري طور تي موت جي ور چاڙھيو ٿيون ڇڏين يا پوءِ وري مختلف موذي مرضن جو سڀ کان وڏو سبب بڻجي وڃن ٿيون، جيتوڻيڪ ان سلسلي ۾ اهڙي مسئلي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي قانون به جوڙيا ويا آهن پر بدقسمتي سان ان ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ئي ٿي رهي آهي، حسين (2008ع) بيان ڪري ٿو ته صنعتي گدلاڻ سڀ کان وڌيڪ نقصانڪار آهي، ۽ اها انساني زندگي لاءِ غيرموافق آهي، نه رڳو ايترو پر اها هن پوري دنيا لاءِ ئي خطرناڪ آهي ۽ ان اوزون تهه کي برباد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ڌرتي جي فضا لاءِ قدرتي ڍال وارو ڪم ڪري ٿو، رين (1991ع)، ليون (1961ع) ۽ بيهيو اينڊ ريڊي (2002ع) مطابق صنعتي گدلاڻ زهريلا مادا جهڙوڪر سلفر ڊاءِ آڪسائڊز، ڪاربان مونو آڪسائڊ، حياتياتي ڦوڳ، سي ايف سيز ۽ ٻيا نقصانڪار مادا پکيڙي رهي آهي، خلا ۾ ڦهليل اهڙا مادا صحت لاءِ خطرناڪ ثابت ٿين ٿا، ان کانسواءِ اهي پوري زميني فضا کي زهريلو ڪري ڇڏين ٿا، جنهن ڪري انساني زندگي، جھنگلي جيوت، سامونڊي جيوت ۽ مجموعي طور پوري دنيا ئي گدلاڻي واري ويسٽ مٽيريل کان وڏي پيماني تي متاثر ٿئي ٿي، صنعتي  گدلاڻ پاڻي جي گدلاڻ جو سڀ کان وڏو سبب بڻجي چڪي آهي ۽ ڪاربان مونو آڪسائڊ ۽ ٻين زهريلن گيسن سميت بي حد خطرنا ويسٽ مٽيريل پيدا ڪري ٿي. پي اي پي اي (پاڪستان انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي) وٽ ان قسم جون گھڻيون شڪايتون ڪيون وڃن ٿيون، ان کان سواءِ ٻيا ادارا جهڙوڪ اين اي ڪيو ايس (نينشل انوائرمينٽل ڪئالٽي اسٽنڊرڊ)، سي اي پي اي (سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي) ۽ ٻيا ادارا ڄڻ ته ان مسئلي تي صابطي لاءِ بيڪار ثابت ٿيا آهن، جيڪي خاموشي سان هن دنيا ۽ ان جي حسن کي تباهه ۽ برباد ٿيندي ڏسي رهيا آهن، پاڪستان ۾ اهو مسئلو صنعتي ويسٽيج، ڪچرن جي ڍير، گاڏين جي دونهين، ويسٽ ميٽريل جي ساڙڻ، وڻن جي واڍي ۽ ٻيلن جي واڍي سبب فضائي گدلاڻ جي پيدا ٿيڻ ڪري وچڙندڙ بيمارين، مليريا، آنڊن جي بيمارين، معدي جي تڪليف، ٽائفائڊ، پيٽ جي مسئلن، چمڙي ۾ خارش ۽ چمڙي جي ٻين بيمارين جي صورت ۾ آڏو اچي سگھي ٿو. سنڌ ۾ ڪراچي کانسواءِ صنعتن جو ڪو به صنعتي ترقي يافته نيٽ ورڪ موجود نه آهي، سنڌ جي ٻهراڙين کي پنهنجي تيز رفتار واڌاري ۽ ترقي لاءِ صنعتڪاري جي ضرورت آهي، پر اهڙي ڪنهن رٿا کي شروع ڪرڻ کان اڳ ان سلسلي ۾ گھرج مطابق بنيادي ضرورتن ۽ سهولتن جي فراهمي لازمي آهي، سنڌ صوبي ۾ حڪومت ماڊل اسٽيٽ تيار ڪرڻ لاءِ 2 هزار ايڪڙ صنعتي ايراضي کي قانوني اجازت ڏئي ڇڏي آهي. سيڪريٽري صنعت شازيه رضيه موجب سنڌ بورڊ آف روينيو جي ايراضي بابت استعمال واري ڪاميٽي کي هڪ رپورٽ موڪلي وئي  هئي، جنهن ۾ ڊي سيز کي هدايت ڪئي وئي هئي ته هر صنعتي اسٽيٽس لاءِ موزون هنڌن جي نشاندهي ڪري. سنڌ حڪومت، ضلعي حڪومت، ملير، بلديه ڪراچي، ٺٽي، گھوٽڪي، لاڙڪاڻي، خيرپورميرس ۽ شڪارپور ۾ 7 صنعتي اسٽيٽس لڳائڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو هو، سائٽ ايسوسيئيشن آف انڊسٽري صنعتي مقصدن لاءِ ايراضي جي منظوري جي آجيان ڪئي آهي، پر چيو آهي ته جيستائين کين بنيادي انفرااسٽرڪچر بجلي، گئس ۽ پاڻي جي فراهمي سميت فول پروف سيڪيورٽي نٿي ملي تيستائين نئين اسٽيٽ انڊسٽريلائزيشن کي واڌ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت نه ٿيندي. حڪومت اعتراف ڪيو آهي ته اهو علائقو صنعتي ترقي جي وڏي صلاحيت رکي ٿو. ان ۾ اڳ ۾ ئي هڪ الاهي وڏو صنعتي بيس موجود آهي جيڪو ڪائونٽين جي ڪل صنعتي پيداوار جو 50 في سيڪڙو پيدا ڪري ٿو. (هلندڙ)

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو