ليکڪ: دانش نبي بخش شر
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته دنيا جي پريشان ۽ افسوسناڪ حالتن انسانذات کي پريشان ڪري رکيو آهي. هٿيارن جي ڪثرت، سرد ۽ گرم جنگين، مشرق ۽ مغرب ۾ هڪ ٻئي خلاف صف آرائي ۽ ٻين لاتعداد بحرانن ماڻهن جي دل ۽ دماغ کي ٻوساٽي ڇڏيو آهي. جنگي اوزارن جي پيداوار ۽ گھڻائي آدم(ع) جي اولاد کي ڊيچاري ڇڏيو آهي. عالمي دهشتگردن ۽ ڇڙواڳ ڌاڙيلن پٺتي پيل قومن کي پنهنجي بنيادي حقن کان به محروم ڪري ڇڏيو آهي. پٺتي پيل طبقي جي وڌندڙ محرومي، بيمارين ۽ بکن ماڻهن جي دانهن، امداد جي لاءِ پڪارن، بيڪاري ۽ بيروزگاريءَ، حساس، زندهه دل ۽ خيرخواھه انسانن کي پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪري رکيو آهي. اخلاقيات، ديني مسئلن کان بيخبري ۽ لاپرواهي، خدائي قانونن کي نه مڃڻ، ماده پرستي جي ڪثرت جڳ جي روشن خيال انسانن کي ڏک ۽ ڳڻتيءَ ۾ مبتلا ڪري رکيو آهي. انهن جي ڪنن ۾ انسانيت جي تباهي ۽ پستيءَ بابت جهوريءَ جون گهنٽيون مسلسل وڄي رهيون آهن.ان بنياد تي اهي درد دل رکڻ وارا انسان، انسانن جي اهنجن کي حل ڪرڻ ۽ عالمي بحرانن کي ختم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن، هر دروازو کڙڪائن ٿا پر افسوس جو جيتري به ڪوشش ڪن ٿا اوترو ئي کين مايوسي پلئه پوي ٿي. ڪنهن وقت ته ايترو نااميد ٿي ٿا وڃن جو انسان ۾ اصلاح جي قابليت جو ئي انڪار ڪري ٿا ويهن ۽ انهن ڀوائتن نتيجن کي ڏسي ڏڪي رهيا آهن.نتيجي ۾ عالم انسانيت جي مسئلن جي حل کان پاڻ کي عاجز ٿا سمجهن. نه رڳو ايترو پر ڪاوڙ ۾ اچي مورڳو انسانيت جي ارتقاءَ جا ئي منڪر ٿي ٿا ويهن ۽ انهن سمورين خوفائتين حالتن کي دنيا جي صنعتي ترقي جو نتيجو قرار ٿا ڏين. پر اهي ساڳيا ئي ماڻهو جڏهن ماٺار ۾ اچي ٿا وڃن ته چون ٿا ته دنيا جي صنعتي ترقيءَ جي ڪابه غلطي ناهي پر اهو ڇڙواڳ ۽ مغرور انسان ئي آهي جيڪو ان کي بيجا استعمال ۽ ان مان غلط فائدو وٺي رهيو آهي ۽ بجاءِ اصلاح جي ان کي فساد ۾ ڪتب ٿو آڻي. انهن سمورن نظرين جي مقابلي ۾ اسلامي نظريو به سرفراز آهي جيڪو اهڙي قسم جي مايوسيءَ کي پاڻ ڏي اچڻ نٿو ڏئي، پر انسان جي بهتر عاقبت ۽ ڪاميابيءَ جي اميد ڏئي رهيو آهي. ان بنياد تي هڪ نيڪ انسانن جي ڪاميابيءَ جو قائل آهي. ان جو اعلان آهي ۽ ثابت به ڪري ڏيکاريو اٿس ته انسانن جا هي مختلف پروگرام، پاڻمرادا ۽ دلفريب فڪري مڪتب انسان کي بدقسمتيءَ جي هن ويڙھ مان نٿا ڪڍي سگهن، نه ئي هنن عالمي بحرانن کي منهن ڏئي ٿا سگهن.پر نيڪ ۽ صالح انسان جي ڪاميابي ۽ اسلام جي طئه ڪيل قانونن جي سائي ۾ ئي حتمي نجات جي قوي اميد آهي. انڪري مقدس دين اسلام جو اعلان آهي ته توهان مان هڪ اهڙو گروھه تيار رهڻ کپي جيڪو چڱائي جي دعوت ڏئي، برائين کان منع ڪري، اهڙائي ماڻهو ڪامياب آهن.(آل عمران104) اسلام جي اهڙن پر اميد نظرين مان مهدويت به هڪ متفق نظريو آهي جنهن بابت لاتعداد روايتن جي بنياد تي اها خاطري ڪرائي وئي آهي ته عالم انسانيت نيٺ ان ظلم، بربريت، قتل ۽ غارت ۽ بدامني مان نجات پائيندو جيڪا محمد و آل محمد(ع) جي مهديءَ جي ظهور ذريعي حاصل ٿيندي. ان حقيقت کي پاڻ ڪريمن (ص) پنهنجي حياتيءَ ۾ عالم آشڪار ڪندي ارشاد فرمايو ته جيڪڏهن ڪو وقت اهڙو اچي وڃي جو هي دنيا فقط هڪ ڏينهن رهڻي هجي ته رب تعاليٰ ان ڏينهن کي ايترو ته طويل ڪندو تان جو منهنجي اولاد مان مون واري ئي نالي سان هڪ شخص قيام ڪندو. تنهن تي سلمان فارسيءَ عرض ڪيو ته يا رسول الله، اهو توهان جي ڪهڙي فرزند جي نسل مان هوندو؟ پاڻ ڪريمن(ص) پنهنجي ڏوهٽي حسين جي پٺيءَ تي هٿ رکي فرمايوته هن مان.(ذخائر العقبيٰ،ص 136). اهڙي طرح ابو سعيد خدري کان به روايت آهي ته پاڻ ڪريمن(ص) بي بي فاطمه(س) کي فرمايو ته هن امت جو مهدي، جنهن جي پويان عيسيٰ به نماز پڙهندو، اسان مان هوندو. اهو چئي حسين(ع) جي ڪلهي تي هٿ رکي فرمايو ته هن امت جو مهدي منهنجي هن ٻچڙي جي نسل مان هوندو.(ڪتاب البيان في اخبار صاحب الزمان، باب 9) ان بنياد تي، عالم اسلام جو ٻارهون امام ”امام مهدي “عليه السلام آهي. سندس نالو ”م ح م د“ ۽ ڪنيت ”ابوالقاسم“ آهي. سندس والد جو نالو ”حسن“ (عسڪري عليه السلام) ۽ امڙ سڳوري جو نالو بي بي ”نرجس“ خاتون آهي. پاڻ بتاريخ ۱۵ شعبان المعظم، ۲۵۵هجري (مطابق869ع) ۾ عراق جي شهر ”سامرا“ ۾ پيدا ٿيا. ان بابت ڪتاب ”مطالبب السؤولفي مناقب آل رسول“ ۾ شيخ ڪمال الدين محمد بن طلحه شافعي، امام مهدي(ع) جي باري ۾ هڪ مڪمل باب لکيو آهي، جنهن جو نالو ڏنو اٿس ”الباب الثاني عشر في ابي القاسم محمد بن الحسن. علي بن الحسين بن علي بن ابي طالب المهدي، الحجه، الخلف الصالح المنتظر عليهم السلام“. ان ۾ لکيو اٿس ته پاڻ 23 رمضان 258 هجري عراق جي شهر نالي”سرمن راي“ ۾ پيدا ٿيا آهن. سندس پيءُ نالو ”محمد“ ، لقب ”الحجه المنتظر“رکيو اٿس ۽ ڪنيت ”ابوالقاسم“ مقرر فرمائي اٿس. شعراني، پنهنجي ڪتاب نالي ”اليواقيت والجواهر“ ۾ لکيو آهي ته مهدي، حسن عسڪري جو فرزند آهي، 15 شعبان جي رات ولادت ٿي اٿس، موجود آهي، ظهور ڪندو ته عيسيٰ(ع) سان گڏبو. امام مهدي(ع) کي عام طرح ”امام عصر“۽ ”صاحب الزمان“ به سڏيو وڃي ٿو. هو ۲۶۰هجريءَ تائين پنهنجي والد(امام حسن عسڪري) جي سائي هيٺ رهيا.والد جي شهادت کان پوءِ امامت جا اختيار سنڀاليائون ان وقت کان وٺي خدا تعاليٰ جي مرضيءَ سان، خدا تعاليٰ جي ئي علم ۾ مقرر ٿيل مدي تائين غيب جي پردي ۾ هليا ويا. سندن غيبت(غائب هجڻ)کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي: 1 غيبت صغريٰ. 2 غيبت ڪبريٰ. غيبت صغريٰ دوران سندن عوام سان رابطو چئن مخصوص نائبن ذريعي هوندو هو، جن جا نالا هن طرح آهن: 1 عثمان بن سعيد. 2 محمد بن عثمان. 3حسين بن روح. 4 علي بن محمد. اهي چارئي نائب هڪ ٻئي پٺيان ترتيبوار، امام(ع) جي ڏنل حڪمن موجب لوڪ جي رهنمائي ڪندا هئا. اها صورتحال چوٿين نائب جي ۳۲۹هجري ۾ وفات تائين جاري رهي. ان کان پوءِ امام عليه السلام جي غيبت ڪبريٰ جو آغاز ٿيو. جڏهن ته ان دؤر ۾ عوام الناس جي رهبري جا اختيارات سندن ”نواب عام“ (عالمن) جي حوالي آهن. هن وقت به سندن غيبت ڪبريٰ جو زمانو آهي. جڏهن رب چاهيندو، تڏهن سندن ظهور ٿيندو ۽ ساري لوڪ کي عدل ۽ انصاف سان لبريز ڪندا احمد بن حنبل ۽ ماوردي حضرت رسول خدا(ص) کان روايت ڪندي لکيوآهي ته پاڻ ڪريمن(ص) فرمايو ته توهان کي خوشخبري هجي ته مهدي قريش ۽ منهنجي اهل بيت مان آهي، تڏهن ظاهر ٿيندو جڏهن دنيا اختلافن ۽ زلزلن جي ور چڙهيل هوندي، اهو ئي اچي ڌرتيءَ کي ايترو ئي داد ۽ عدل سان ٽٻٽار ڪندو جيتري ان کان پهريان ظلم سان ڀريل رهي چڪي هوندي.(صواعق محرقه، ابن حجر، ص99 ۽ الحاوي، سيوطي،ج2، 58). اهڙي طرح ابن ماجه پنهنجي ڪتاب ”سنن“ ۾ سعيد بن مسيب کان نقل ڪيو آهي ته اسان هڪ ڀيري جناب ام المؤمنين بي بي ام سلمه وٽ ويٺا هئا سين ۽ ”مهدي“ جي باري ۾ ڳالهھ ٻولهھ پئي ڪئي سين، ان تي بي بي صاحبه فرمايو ته مان حضرت رسول خدا(ص)کي فرمائيندي ٻڌو ته مهدي، فاطمه جي اولاد مان آهي.(سنن ابن ماجه، ج2، ص1368. جامع صغير،ج2، ص579). امام مهدي(ع) جي باري ۾ جام روايتون ملن ٿيون، ايتريقدر جو سَوَن جي تعداد ۾ آهن.