135

ڏينهون ڏينهن زور پڪڙيندڙ ڪورونا وائرس…..

ايڊيٽوريل

پاڪستان ۾ ڪورونا جي نئين قسم جا ڪلور جاري آهن ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته هفتي اندر 63 هزار کان وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جن مان 4 هزار کان وڌيڪ ٻارڙن ۾ پڻ ڪورونا جو نئون قسم ظاهر ٿيو آهي ۽ گذريل ڏينهن صدر عارف علوي، بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي وئي آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ ڪيس وڌڻ بعد تقريبن تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري پبلڪ ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جهڙو سخت اعلان پڻ ڪيو ويو آهي، پهرين اپريل کان صوبي ۾ سمورين ان ڊور توڙي آئوٽ ڊور تقريبن تي پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن، پنجاب جي وزيراعليٰ عثمان بزدار پنهنجي ٽيم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان هن وقت ڪورونا جي ٽئين لهر جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، جيڪا ٻن لهرن کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، هن چيو ته پنجاب ۾ ڪورونا جا مثبت ڪيس 14 سيڪڙو تائين پهچي ويا آهن، جڏهن ته لاهور ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪيسن جي شرح 21 سيڪڙو رهي آهي جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي ۽ اسپتالون تيزي سان ڀرجي رهيون آهن، هيلٿ سسٽم سخت دٻاءَ جو شڪار آهي.هن وڌيڪ چيو ته اسان مڪمل لاڪ ڊائون برداشت نٿا ڪري سگهون ۽ اسان صنعتن ۽ ڪاروبار کي بند ڪرڻ جي حق ۾ نه آهيون ۽ معاشي سرگرمين تي ڪنهن قسم جي پابندي نه پيا لڳايون، پر ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو، هن چيو ته پهرين اپريل کان شادين سميت هر قسم جي تقريبن تي پابندي لاڳو هوندي ۽ جن به علائقن ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 12 سيڪڙو کان وڌندي اتي مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو ويندو، 7 ڏينهن کانپوءِ صورتحال جو وري جائزو وٺنداسين، هن چيو ته صوبي ۾ هر قسم جي راندين سميت سمورين تقريبن تي پابندي هوندي، دڪانن ۽ بازارن جو وقت شام 6 بجي تائين هوندو ۽ بازارون هفتي ۾ 2 ڏينهن بند رکيون وينديون. جڏهن ته پبلڪ ٽرانسپورٽ پڻ بند ڪيو ويندو، جڏهن ته پرائيويٽ ٽرانسپورٽ ايس او پيز تحت هلندو رهندو.

ڪورونا جا ڪيس نه صرف پنجاب پر هاڻ سنڌ ۾ به ظاهر ٿي رهيا آهن ۽ حيدرآباد جي ڪجهه اسڪولن ۾ استادن ۽ شاگردن ۾ ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد ڄاڻايل اسڪول هفتي لاءِ بند ڪيا ويا آهن، اسان هتي بار بار اهي دانهون ڪري رهيا آهيون، احتياط علاج کان بهتر آهي، گڏوگڏ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون پڻ احتياطن جي حوالي سان بار بار عوام کي آگاهي ڏئي رهيون آهن، پر بدقسمتي سان اسان وٽ ان سطح جا احتياطي اپاءَ نه پيا ورتا وڃن، جنهن سان نه صرف ڪيس وڌي رهيا آهن پر ڪورونا وگهي موتن جو تعداد به وڌي رهيو آهي، جيڪو الميو آهي، اسان سمجهون ٿا ته هي وقت هڪ قوم وانگر مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيڻ جو آهي، ڇو ته ڪورونا اهڙو دشمن آهي جنهن جو في الحال علاج به اسان کان پري آهي ۽ اسان ان سان وڙهي به نٿا سگهون، سواءِ احتياط جي اسان جي هٿ ۾ ٻيو ڪجهه به نه آهي، ان ڪري جيڪو اسان جي هٿ ۾ آهي ان تي عمل ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي اسان لاءِ ئي نقصانڪار ثابت ٿيندي، ان ڪري اچو ته هن مرض جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هڪ قوم وانگر گڏجي بهادري سان ان کي منهن ڏيون ۽ وڌيڪ تڪليفن کان بچڻ لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪريون، ڇو ته تاريخ شاهد آهي ته قومن تي اهڙا ڏکيا وقت آيا ۽ گذري ويا آهن ۽ هي به سڄي دنيا لاءِ هڪ اهڙو ڏکيو وقت آهي جيڪو نيٺ گذري ويندو، پر جيڪڏهن اسان احتياط نه ڪيو ته سڀاڻي جڏهن هي مرض نه هوندو ته پوءِ به اسان کي پنهنجا پيارا ساري پڇتاءَ ٿيندو، جنهن کان بچڻ ضروري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو