ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ جوڊيشل ڪمپليڪس عذير بلوچ جي آزادي جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو ۽ ڪلري ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ جوابدار جي آزادي واري درخواست منظور ڪئي، پوليس مطابق عذير بلوچ ۽ ٻين تي هنگامي، باهيون ڏيڻ، گهيراءُ ۽ گاڏين تي پٿراءُ ڪرڻ جو الزام هو، جوابدارن خلاف ڪلري ٿاڻي تي 2012ع ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته ڪيس ۾ 3 جوابدارن طارق سياپا، عمر ڪڇي ۽ سعيد پٺاڻ اڳ ۾ ئي آزاد ٿي چڪا آهن. لياري گينگ وار اڳواڻ عذير بلوچ کي هن وقت تائين 12 ڪيسن مان آزاد ڪيو ويو آهي.
140