159

ڳوهاري عورت، ڪينسر ۽ رت جي مرضن ۾ ورتل ماڻهو ڪورونا کان بچاءَ واري ويڪسين لڳرائي نٿا سگهن: ماهر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ 60  سالن کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن کي ڪورونا کان بچاءَ واري ويڪسين لڳائڻ وارو سلسلو شروع  ڪيو ويو آهي.  صحت جي ماهرن مطابق ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ کان اڳ وڏي ڄمار وارو ماڻهو پنهنجو بلڊ پريشر نارمل رکن، ڪينسر ۽ ڪيموٿراپي وارا مريض، رت جي مرض ۾ مبتلا ماڻهو ۽  ڳورهاريون عورتون ويڪسين نه لڳرائن. ڊاڪٽرن مطابق ڪنهن به قسم جي الرجي ۾ ملوث ماڻهو ڊاڪٽرن کان ضروري هدايتون وٺن. عملدارن مطابق وڏي ڄمار وارو ماڻهو ويڪسينيشن سينٽرن تي موجود عملي کي پنهنجي سمورن طبي معاملن کان آگاهه ڪن ته جيئن ويڪسين لڳائڻ کان پهرين سمورن مسئلن کي حل ڪري سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو