134

ڪوٽڙي ڀرسان سنڌ بئراج ٺاهيو پيو وڃي، لنڊن جي ٿيمز درياهه جيان ان مان به ڪئنال ڪڍيا ويندا: واپڊا چيئرمين جي سپريم ڪورٽ کي آگاهي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ ديامير ۽ ڀاشا ڊيم بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران تڪراري ڪالاباغ ڊيم جو به ذڪر ٿيو. جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته صوبن جا خدشا ختم ڪرڻ کانسواءِ ڪالاباغ ڊيم ڪيئن ٺهندو؟ ٻڌڻي دوران واپڊا چيئرمين رٽائرڊ جنرل مزمل عدالت کي آگاهي ڏني ته ڪوٽڙي ڀرسان سنڌ بئراج ٺاهيو پيو وڃي، لنڊن جي ٿيمز درياهه جيان سنڌ بئراج مان به ڪئنال ڪڍيا ويندا، بئراج ٺهڻ سان سنڌ جا به خدشا ختم ٿي ويندا. هن چيو ته مهمند ڊيم مان نوشهره، مردان ۽ چارسده ۾ ٻوڏ نه ايندي، ٻوڏ جا وهڪرا رڪجڻ سان ڪي پي ڪي حڪومت جا خدشا ختم ٿي ويندا، ديامير ڀاشا ڊيم لاءِ اسٽيل ٻاهريان گهرائڻ جي ضرورت آهي. چيف جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز هلي ته ٻاهريان اسٽيل گهرائڻو نه پوندو، واپڊا اسٽيل مل لاءِ جيڪي پئسا ٻاهر ڏيندو اهي اسٽيل مل کي ادا ڪري ڇڏي، اسٽيل ملز واري معاملي تي منهنجي رڳو تجويز آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو