اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ڪورونا مان مڪمل صحتياب ٿي ويو آهي. تحريڪ انصاف جي سينيٽر فيصل جاويد ٻڌايو آهي ته وزيراعظم عمران خان صحتمند آهي، هاڻي کيس ڪابه ڪورونا جي علامت ناهي، عمران خان ڊاڪٽرن جي هدايتن ۽ عالمي گائيڊ لائين تحت ڪم ڪري رهيو آهي. فيصل جاويد وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان سرڪاري ڪاروهنوار شروع ڪري ڇڏيو آهي، کيس وڌيڪ ڪورونا جي ٽيسٽ ڪرائڻ جي ضرورت ناهي.
