ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ٻن علائقن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان ۽ نينگر فوت ٿي ويا آهن. ڪراچي ۾ بلديه 4 نمبر جي ڀرسان روڊ حادثي ۾ 26 ورهين جو نوجوان محمد حسن پٽ جمعا خان فوت ۽ هڪ ڄڻو 30 ورهين جو محمد اسماعيل زخمي ٿي پيو. لاش ۽ زخمي کي ڇيپا جي رضا ڪارن سول اسپتال ڪراچي منتقل ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ منگهو پير جي علائقي ۾ چنگي ناڪي جي ڀرسان هڪ روڊ حادثي ۾ 12 ورهين جو نينگر ناظم پٽ جمن فوت ٿي ويو جڏهن ته صادق،جمن،مجاهد ۽ آصف زخمي ٿي پيا، ڇيپا جي رضاڪارن موجب زخمين کي عباسي شهيد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
121