244

سوا 3 ارب رپين جي ٺڳي: ايف آءِ اي پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين، سندس پٽ علي ترين ۽ ٻين گهرڀاتين ۽ لاڳاپيل ماڻهن تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي سوا ٽن اربن واري رقم ٺڳڻ تي پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين، سندس پٽ علي ترين، ناٺي، ٻين گهرڀاتين ۽ لاڳاپيل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي ذريعن مطابق جهانگير ترين پنهنجي ناٺي جي ڪاغذ ٺاهيندڙ ڪمپني فاروقي پلپ ڪمپني جي اڪائونٽ ۾ جي ڊي ڊبليو ڪمپني مان سوا 3 ارب رپيا منتقل ڪيا، بند فيڪٽري ۾ منتقل ٿيندڙ رقم بعد ۾ سندس گهرڀاتين جي اڪائونٽن ۾ منتقل ٿي. اهڙي طرح بند فيڪٽري ۾ پئسا لڳائي 3 ارب کان وڌيڪ مني لانڊرنگ ڪئي وئي، جهانگير ترين ۽ سندس گهرڀاتين اوپن مارڪيٽ مان ڊالر خريد ڪيا ۽ رقم پرڏيهه منتقل ڪئي. جهانگير ترين جو ناٺي وڻن مان ڪاغذ ٺاهيندو هو، جهانگير ترين جي فيڪٽري ۾ هو 26 سيڪڙو پبلڪ شيئر هولڊر پڻ آهي. ايف آءِ اي جهانگير ترين جي اڳوڻي زراعت واري سيڪريٽري رانا نسيم خلاف به ڪيس داخل ڪيو آهي، رانا نسيم جهانگير ترين جي ڪمپني ۾ چيف فنانشنل آفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هو ڪمند جي خريداري ۾ ڪرپشن پڻ ڪندو رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو