229

ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا ختم نه ٿيا، وڌيڪ 78 مريض فوت، 4757 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا ختم نه ٿيا آهن، وائرس سبب وڌيڪ 78 مريضن دم ڏنو، جڏهن ته 4757 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 4 هزار 757 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 67 سيڪڙو، لاهور ۾ 63 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 60 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 64 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 82 سيڪڙو، سوات ۾ 84 سيڪڙو،  گجرات ۾ 74 سيڪڙو  ۽  گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 43 هزار 965 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 7 هزار 853، پنجاب ۾ 20 هزار 983، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 650، اسلام آباد ۾ 5 هزار 976، بلوچستان ۾ 488، گلگت بلتستان ۾ 207، آزاد ڪشمير ۾ 808 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 3 هزار 126 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 412 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 50 هزار 397 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 6 لک 67 هزار 957 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 12 هزار 663، بلوچستان ۾ 19 هزار 557، گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 24، اسلام آباد ۾ 57 هزار 833، خيبرپختونخواهه ۾ 87 هزار 55، پنجاب ۾ 2 لک 20 هزار 392 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 65 هزار 433 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 14 هزار 434 آهي جن مان سنڌ ۾ 4 هزار 497 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 6 هزار 365 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 41 مريض  اسپتالن ۾ ۽ 5 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران  فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 2 هزار 342 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 568 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. بلوچستان ۾ 207 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 103 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 352 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا هڪ ڪروڙ هڪ لک 97 هزار 329 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 3 هزار 912 مريض علاج هيٺ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو