206

توانائي، واپار ۽ فوڊ سيڪيورٽي وارين وزارتن ۾ به تبديليون ڪيون وينديون: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز ناڻي واري وزارت کانپوءِ توانائي، واپار ۽ فوڊ سيڪيورٽي وارين وزارتن ۾ به تبديليءَ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ سينيٽر شبلي فراز چيو ته ناڻي واري وزارت کانپوءِ توانائي، واپار ۽ فوڊ سيڪيورٽي وارين وزارتن ۾ به تبديلي ڪئي ويندي. هن چيو ته پي ڊي ايم سبب سياسي خلل پيدا ٿيو، جيڪو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي ملڪي ترقي ۽ مهانگائي گهٽائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو