ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن وائيس چانسلر ڊاڪٽر بيکارام ۽ رجسٽرار ڊاڪٽر سروپ ڀاٽيا کي ھٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ايڊمنسٽريشن بلڊنگ آڏو ڌرڻو هنيو. لمس يونيورسٽي جي ملازمن جي تنظيم لسوا پاران هنيل ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ ملازم شريڪ ٿيا. ان موقعي تي لسوا اڳواڻن سعيد احمد لاشاري، اعجاز برفت ۽ ٻين جو چوڻ هو ته يونيورسٽي انتظاميا ملازمن لاءِ رھائشي سوسائٽي جي قيام، ملازمن جي ٻارڙن لاءِ پبلڪ اسڪول، ڪوارٽرن جي مرمت ۽ ٻيا مطالبا تسليم نه پئي ڪري، جنهنڪري مجبورن احتجاج وارو رستو اختيار ڪيو آهي. هنن چيو ته وي سي ڊاڪٽر بيکارام ۽ رجسٽرار سروپ ڀاٽيا اداري کي تباهي ڪناري تي آڻي ڇڏيو آهي، ملازمن جا جيسيتائين مطالبا منظور نه ڪيا ويندا، تيستائين احتجاج جاري رهندو. لمس يونيورسٽي ۾ ملازمن جي 2 ڪلاڪ لڳل ڌرڻي کانپوءِ پرو وائيس چانسلر پروفيسر اڪرام اڄڻ پهچي ملازمن سان ڳالهيون ڪندي سندن مطالبا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو، جنهن کانپوءِ ملازمن احتجاج ختم ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي بار بار رابطو ڪرڻ باوجود لمس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر بيکارام ۽ رجسٽرار سروپ ڀاٽيا فون اٽينڊ نه ڪيو.
236