ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاپوليشن ويلفيئر کاتي سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سوشل موبلائيزرس ميل طرفان رهيل پگهارون جاري ڪرڻ، ڪچن سوشل موبلائيزرس ميل کي پڪو ڪرڻ، سينيارٽي ۽ گريڊ ڏيڻ، ڪانٽريڪٽ وارن جي پگهار گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار روپيا ڪرڻ، ڪانٽريڪٽ جو سمورو مدو سروس ۾ شامل ڪرڻ، 2009ع ۽ 2013ع کان بيڪ بينيفٽس ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ سوڌو ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري خيمو کوڙي ڌرڻو هنيو ويو. سوشل موبلائيزرس ميل جي تنظيم ميڪ سنڌ افيشل جي سڏ تي ڪيل احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ميڪ سنڌ افيشل جو مرڪزي صدر اربيلو خان ڳنڀير، سينيئر نائب صدر سهيل احمد لاسي، نائب صدر نديم ابڙو، نائب صدر ڪراچي ڊويزن نعيم احمد چنگيزي، نائب صدر حيدرآباد عبدالخالق حبيباڻي، نائب صدر لاڙڪاڻو محمد اسماعيل لنجواڻي، نائب صدر شهيد بينظير آباد محمد انور بروهي، جنرل سيڪريٽري محمد شريف هاليپوٽو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري امام ڏنو ناهيون، ليگل ايدوائيزر محمد حيات گولو، جوائنٽ سيڪريٽري غلام سرور ڦلپوٽو، خزانچي عبدالغني لغاري، انفارميشن سيڪريٽري عبدالمجيد شيخ سوڌو ضلعن جا اڳواڻ ڪري رهيا هئا. احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي ۾ ڪچن ۽ مسنگ وارن کي پڪو ڪرڻ، رهيل پگهارون ڪرڻ، پڪو ڪيل سوشل موبلائيزرس ميل کي ڪانٽريڪٽ واري پراڻي سروس ڏئي مناسب گريڊ ڏيڻ، ڪانٽريڪٽ سوشل موبلائيزرس ميل کي ماهوار پگهار گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار ڪرڻ، پڪو ڪيل سوشل موبلائيزرس ميل کي 2009ع ۽ 2013ع کان بيڪ بينيفٽس ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ لاءِ نعريبازي ڪري رهيا هئا، احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ميڪ سنڌ افيشل جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان 23 ورهين کان پاپوليشن ويلفيئر کاتي سنڌ ۾ گريجوئيشن جي بنياد تي ڪانٽريڪٽ تي ڊيوٽي ڪري رهيا آهيون جن مان ڪجهه کي سنڌ اسيمبلي مان 2013ع ۾ ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ واري بل ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت هڪ گريڊ ۾ پڪو ڪيو ويو آهي جيڪو نامناسب عمل آهي ان باوجود ڪيترائي سوشل موبلائيزرس پڪا نه ٿيڻ، پراڻي سروس نه ملڻ ۽ مناسب گريڊ نه ملڻ ڪري عدالت ۾ ڪيس وڙهي رهيا آهن ته جنهن تي کاتي وارن انتقامي ڪارروائي ڪندي مختلف ضلعن ۾ پگهارون بند ڪري ڇڏيون آهن. هنن جو مطالبو آهي ته ڪچن ۽ مسنگ وارن سوشل موبلائيزرس ميل کي پڪو ڪيو وڃي. رهيل پگهارون جاري ڪري ڪورونا وائرس جي وڌندڙ وبا ۽ مهانگائي کان بچايو وڃي. پڪن سوشل موبلائيزرس ميل کي ڪانٽريڪٽ واري پراڻي سروس ڏئي گريجوئيشن تحت 11 هون گريڊ ڏنو وڃي. ڪچن سوشل موبلائيزرس ميل کي پڪو ڪيو وڃي، ڪانٽريڪٽ وارن جي پگهار گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار روپيا ڪئي وڇي، ڪانٽريڪٽ جو سمورو مدو سروس ۾ شامل ڪيو وڃي، 2009ع ۽ 2013ع کان بيڪ بينيفٽس ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ سوڌو ٻيا مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ مجبور ٿي مطالبن جي مڃتا لاءِ وزيراعلي هائوس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.
196