264

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم پي اي فريال ٽالپر ۽ گيانچند ايسراڻي کي معطل ڪرڻ وارو حڪم واپس وٺي ڇڏيو

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ڪتن جي ڏاڙهڻ وارن واقعن تي معطل ڪيل  ايم پي اي فريال ٽالپر ۽ گيانچند ايسراڻي کي معطل ڪرڻ وارو حڪم واپس وٺي ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي اڳواڻ فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ فريال ٽالپر ۽ گيانچند ايسراڻي جي رڪنيت بحال ڪري ڇڏي آهي، عدالت پ پ ايم پي ايز جي رڪنيت معطل ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي. سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي اڳواڻ فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته پ پ حڪومت عدليا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ کي مليل ڌمڪين جي مذمت ڪريون ٿا، سنڌ حڪومت جسٽس کي تحفظ ڏيندي، جنهن به اهڙي شرارت ڪئي آهي ان خلاف جاچ ڪري سندن خلاف ڪارروائي ڪبي. هن چيو ته هاڻي ڪتن جي ڏاڙهڻ وارا واقعا پيش آيا ته ذميواري لوڪل گورنمينٽ مٿان هوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو