سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ ڪتن جي ڏاڙهڻ واري ڪيس ۾ عدالت رمارڪس ڏنا آهن ته چونڊيل نمائندن مٿان ڪتن جي ڏاڙهڻ جي ذميواري ناهي ته پوءِ اهي علائقن ۾ به نه وڃن، هاڻي ڪنهن به ماڻهو کي ڪتي ڏاڙهيو ته نقصان ڀرڻ حڪومت جي ذميواري هوندي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته هاڻي ڪوبه ماڻهو ڪتي ڏاڙهڻ سبب مري ويو ته سر جي قيمت ادا ڪئي ويندي، ڪنهن جي اک ضايع ٿي يا ڪو ماڻهو زخمي ٿيو ته ان جو به نقصان سنڌ سرڪار ادا ڪندي. ٻڌڻي دوران عدالت ڪتن جي ڏاڙهڻ وارن واقعن تي حڪومتي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي دوران فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏيندي چيو ته ڪتن جي ڏاڙهڻ وارا واقعا روڪڻ ايم اين اي يا ايم پي اي جي ذميواري ناهي، اهو ڪم لوڪل گورنمينٽ جو آهي، عدالت بلديات کاتي جي سيڪريٽري کي ذميواري کڻڻ بابت لکت ۾ بيان جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت رمارڪس ڏنا آهن ته چونڊيل نمائندن مٿان ڪتن جي ڏاڙهڻ جي ذميواري ناهي ته پوءِ اهي علائقن ۾ به نه وڃن، هاڻي ڪنهن به ماڻهو کي ڪتي ڏاڙهيو ته نقصان ڀرڻ حڪومت جي ذميواري هوندي.
234