اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير حماد اظهر پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حماد اظهر چيو ته پيٽرول جي اگهه ۾ ڏيڍ رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ 3 رپيا گهٽتائي ڪئي ويندي. ڀارت مان کنڊ ۽ ڪپهه گهرائڻ جي تصديق ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته کنڊ جو اگهه پاڪستان مان گهٽ هجڻ تي ڀارت مان گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڀارت ۾ دنيا جي ڀيٽ ۾ کنڊ جا اگهه تمام گهٽ آهن، ان ڪري ڀارت مان 5 لک ٽن کنڊ گهرائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪپهه جي تمام گهڻي گهرج آهي، ان لاءِ ڀارت مان ڪپهه گهرائڻ جو فيصلو ڪيو، وڏا فيصلا ڪرڻ کانسواءِ حڪومتون ۽ قومون اڳيان ناهن وڌنديون، هر وقت مشهور فيصلو ڪرڻ صحيح ثابت ناهي ٿيندو، پر ڪڏهن ڪڏهن مشڪل فيصلا به ڪرڻا پوندا آهن.
231