232

انساني حقن متعلق رجحان مسلسل غلط رخ ڏانهن وڃي رهيا آهن: آمريڪا

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽني بلنڪن چيو آهي ته انساني حقن متعلق رجحان مسلسل غلط رخ ڏانهن وڃي رهيا آهن. آمريڪي ميڊيا مطابق انساني حقن متعلق پرڏيهي کاتي جي سالياني رپورٽ تي تبصرو ڪندي هن چيو ته ڪورونا وبا دنيا ۾ ڪجهه مختلف مسئلا پيدا ڪيا آهن. هن چيو ته لاڪ ڊائون دوران معاشرتي تحفظ يقيني بنائڻ وارا روايتي طريقا محدود ٿيڻ سان عورتن ۽ ٻارن لاءِ صنفي يا گهريلو تشدد جي خطرن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هر اهو طريقو استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان دنيا کي وڌيڪ پرامن ۽ انصاف تي ٻڌل بڻائي سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو