رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ سي ايس جي ۽ گوگل سميت ڪيترين ئي عالمي ڪمپنين پنهجون آفيسون کولڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي. سعودي حڪومت ان کان اڳ اعلان ڪيو هو ته 2024ع ۾ اهڙي ڪنهن به پرڏيهي ڪمپني کي سرڪاري ٺيڪا نه ڏنا ويندا جنهن جي ملڪ ۾ ريجنل آفيس نه هوندي. آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني سي ايس جي چيو آهي ته هوءَ دبئي مان پنهنجي ريجنل آفيس رياض منتقل ڪندي، اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بينڪ چيو آهي ته مڊل ايسٽ افيئرس جي ريجنل آفيس رياض ۾ قائم ڪئي ويندي.گوگل پڻ پنهجي ريجنل آفيس سعودي ۾ کولڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ٻين عالمي ڪمپنين پاران پڻ سعودي ۾ پنهنجون ريجنل آفيسون کولڻ جو اشارو ڏنو آهي.
172