241

مڪمل لاڪ ڊائون نٿا ڪري سگهون، محدود ڪاروبار جاري رکنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مڪمل لاڪ ڊائون نٿا ڪري سگهون، جڏهن ته محدود ڪاروهنوار جاري رکنداسين. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪووڊ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ جي هاڻوڪي ڪورونا صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. وزيراعظم بني گالا کان وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي ۽ وڏن وزيرن سان آن لائين ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ۽ ماسڪ جي استعمال لاءِ ملڪ ۾ مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم چيو ته انتظامي مشينري ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ متحرڪ ٿئي، ڪورونا وبا جي ٽئين لهر انتهائي خطرناڪ آهي، تمام گهڻي احتياط جي ضرورت آهي، مڪمل لاڪ ڊائون نٿا ڪري سگهون، محدود ڪاروبار جاري رکنداسين، اسان بهتر حڪمت عملي ذريعي پهرين لهر جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، وقت هڪ ڀيرو ٻيهر قوم کان ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ جي گهر ڪري ٿو. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ هلندڙ ويڪسينيشن واري عمل ۽ ويڪسين جي خريداري تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته ويڪسينيشن واري عمل ۾ ميرٽ  ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ گهٽائڻ واري آپشن جو به جائزو ورتو ويو، ملڪ ۾ سمورن ان ڊور ۽ آئوٽ ڊور سرگرمين تي ترت پابندين واري فيصلي جي منظوري ڏني وئي، پابندي اتي مڙهي ويندي جتي 8 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪيسن رپورٽ ٿيندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو