ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 5 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 4502 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 9634 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 247 نوان ڪيس سامهون آيا. اِها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌائي وئي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 5 مريض پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا آهن ۽ فوتين جي تعداد 4502 تائين پهچي وئي آهي جيڪا 1.7 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. مراد علي شاهه چيو ته 9634 نمونن جي جاچ ڪئي وئي جن مان 247 ڪيسن جي نشاندهي ڪئي جيڪي 2.6 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هيستائين 3298265 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 265679 ڪيسن جي تشخيص ٿي چڪي آهي انهن مان 96.5 سيڪڙو يعني 256276 مريض صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 224 مريض به شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 4901 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 4600 گهرن ۾، 10 آئسوليشن سينٽرن ۽ 291 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 267 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 38 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو. بيان موجب 247 ڪيسن مان 147 ڪراچي جا آهن جن مان ضلعي اوڀر 70، ضلعي ڏکڻ 37، ضلعي سينٽرل 14، ضلعي اولهه 10، ضلعي ملير 9 ۽ ضلعي ڪورنگي 7 شامل آهن. حيدرآباد ۾ 18، گهوٽڪي ۽ ميرپورخاص 9-9، بدين 8، لاڙڪاڻو ۽ ٺٽو 7-7، ٽنڊو محمد خان 6، سکر 5، جيڪب آباد ۽ سجاول 4-4، ڄامشورو، خيرپور، نوشهروفيروز، ٽنڊو اللهيار ۽ قمبر 3-3، عمرڪوٽ 2 ۽ شڪارپور 1 ڪيس آهن. وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريندي چيو آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي.
225