اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان حڪومتي ترجمانن کي پي ڊي ايم بابت ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ۽ پارٽي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده ملڪي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. وزيراعظم سٽي بازن خلاف ون ونڊو آپريشن جو قانون آڻڻ جي منظوري ڏني ۽ ميڊيا بابت معاملن تي خاص ڪميٽي به قائم ڪري ڇڏي، جنهن ۾ فواد چوڌري، شبلي فراز، فيصل واوڊا ۽ يوسف بيگ مرزا شامل آهن.ڪميٽي حڪومتي ڪارڪردگي بابت روز جي بنيادن تي اجلاس ڪندي. ذريعن موجب وزيراعظم ترجمانن کي پي ڊي ايم بابت ڳالهائڻ کان روڪيندي هدايت ڪئي ته پي ڊي ايم جي بيانن تي جواب ڏيڻ بدران حڪومتي ڪارڪردگي اجاڳر ڪئي وڃي، شوگر مافيا خلاف پهريون ڀيرو گڏيل ايڪشن ٿي رهيو آهي، سٽي بازن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، رمضان ۾ کنڊ ۽ کاڌي پيتي جون ٻيون شيون به سستيون ڪيون وينديون، کنڊ جو اگهه پڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، عوام کي ڀرپور ريليف ڏنو ويندو. ايندڙ اڍائي سالن ۾ عوام کي حڪومت جي حقيقي ڪارڪردگي نظر ايندي، حڪومت بنيادي شين بابت قانون آڻي رهي آهي، سٽا مافيا کي وڌڻ نه ڏينداسين. ڪرپشن جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي ڇڏ ڇوٽ نه ٿيندي، هٿ سان مهانگائي ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي، پارٽي اڳواڻ مهانگائي تي لاڳيتو نظر رکن. ايندڙ اڍائي سالن ۾ عوام کي حڪومت جي حقيقي ڪارڪردگي نظر ايندي، حڪومت بنيادي شين بابت قانون آڻي رهي آهي، سٽا مافيا کي وڌڻ نه ڏينداسين. ٻي پاسي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان مخالف ڌر کي نظرانداز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم خاطري ڪرائي آهي ته هو بنيادي شين جي قيمتن جي نگراني پاڻ ڪندو ۽ هٿرادو طريقي سان قيمتن ۾ واڌ ڪندڙ مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. شيخ رشيد احمد چيو ته حڪومت پنهنجي چونڊ منشور مطابق ڪرپٽ مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون جي مهم جاري رکندي ته جيئن ملڪ کي بدعنواني جهڙي لعنت کان پاڪ ڪري سگهجي .
233