ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته سيليڪٽڊ وزيراعظم استعفا ڏئي پنهنجي غلطين تي پوري قوم کان معافي وٺي ۽ ملڪ مان نڪري وڃي. اهڙو اظهار هن پارٽيءَ جي مشاورتي ورچوئل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي لاٿ تي عمران خان جي هٺ ڌرميءَ جي مذمت پڻ ڪئي وئي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته ملڪ جي اقتصادي حالت ايتري تباهه ڪئي وئي آهي جو اها هاڻي سولائي سان بحال نه ٿي سگهندي، سمورا رياستي ادارا تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي پهچي ويا آهن، پاور سيڪٽر پڻ تباهه ٿي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪٺ پتلي وزيراعظم کنڊ، پيٽرول ۽ ڪڻڪ جي بحران ۾ پاڻ کي بچائڻ لاءِ ٻين کي قرباني جو ٻڪرو پيو ڪري.
218