217

باپ کان ووٽ وٺڻ تي پي ڊي ايم جو پ پ ۽ اي اين پي کي شوڪاز نوٽيس، سينيٽ ۾ ڌار سيٽن لاءِ درخواست

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي ايم جا اختلاف ويتر وڌندا  پيا وڃن. پي ڊي ايم باپ (بلوچستان عوامي پارٽي) کان ووٽ وٺڻ تي  پ پ ۽ اي اين پي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ ن ليگ جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي تصديق ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي کي شوڪاز نوٽيس فضل الرحمان جي هدايت تي جاري ڪيا ويا آهن، انهن کان 7 ڏينهن ۾ جواب گهريو ويو آهي ۽ جواب ملڻ کان پوءِ وڌيڪ فيصلو ٿيندو. ان کان اڳ اپوزيشن جي پارٽين ڌار ڌار اجلاس پڻ ڪيا. آزاد اپوزيشن جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ن ليگ سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ن ليگ، جي يو آءِ، پي ڪي ميپ، نيشنل پارٽي ۽ بي اين پي مينگل جا سينيٽر به شريڪ ٿيا. سينيٽ ۾ آزاد اپوزيشن جي اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي، مشاهد حسين سيد، مولانا عبدالغفور حيدري، طاهر بزنجي به شرڪت ڪئي، جڏهن ته مصدق ملڪ، ڪامران مرتضيٰ، مولانا عطاءُالرحمان سميت ٻيا به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. ذريعن موجب ان اجلاس ۾ سينيٽ جي اجلاس بابت حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته آزاد اپوزيشن سينيٽ چيئرمين کي پنهنجي ڌار حيثيت لاءِ درخواست ڏيندي. هوڏانهن پارليامينٽ هائوس جي اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾ پڻ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پ پ  ۽ ان جي حمايتي جماعتن جي سينيٽرن شرڪت ڪئي. هوڏانهن پي ڊي ايم سان لاڳاپيل هڪ ڌڙي سينيٽ ۾ ڌار سيٽن لاءِ درخواست پڻ ڏئي ڇڏي آهي. نواز ليگ جي سينيٽر اعظم نذير تارڙ پنهنجي ميمبرن لاءِ ڌار اپوزيشن بئنچون الاٽ ڪرڻ جي گهُر ڪري ڇڏي ۽ سينيٽ ۾ ڳجهيون ڪئميرائون لڳائڻ واري معاملي جي جانچ ڪرائڻ جو به مطالبو  پڻ ڪيو. ان کان اڳ اپوزيشن جي پارٽين ڌار ڌار اجلاس پڻ ڪيا. آزاد اپوزيشن جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ن ليگ سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ن ليگ، جي يو آءِ، پي ڪي ميپ، نيشنل پارٽي ۽ بي اين پي مينگل جا سينيٽر به شريڪ ٿيا. سينيٽ ۾ آزاد اپوزيشن جي اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي، مشاهد حسين سيد، مولانا عبدالغفور حيدري، طاهر بزنجي به شرڪت ڪئي، جڏهن ته مصدق ملڪ، ڪامران مرتضيٰ، مولانا عطاءُالرحمان سميت ٻيا به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. ذريعن موجب ان اجلاس ۾ سينيٽ جي اجلاس بابت حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته آزاد اپوزيشن سينيٽ چيئرمين کي پنهنجي ڌار حيثيت لاءِ درخواست ڏيندي. هوڏانهن پارليامينٽ هائوس جي اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾ پڻ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پ پ  ۽ ان جي حمايتي جماعتن جي سينيٽرن شرڪت ڪئي. ٻي پاسي پي ڊي ايم طرفان شوڪاز نوٽيس تي ردعمل ڏيندي پ پ اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي ۽ احسن اقبال پي ڊي ايم کي نقصان پهچائي رهيا آهن، ٻئي وزيراعظم ٿيڻ لاءِ پي ڊي ايم کي نقصان پيا پهچائين. شازيا مري چيو ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ سان اتحاد تي جي يو آءِ جي ڪڏهن شوڪاز نوٽيس جاري ٿيندو؟ پنجاب ۾ ن ليگ جي پي ٽي آءِ سان مفاهمت تي ڪڏهن شوڪاز جاري ٿيندو؟ مفاهمت ڪري 11 پي ٽي آءِ سينيٽر چونڊرائڻ تي ڪڏهن شوڪاز ٿيندو؟ هن چيو ته ن ليگ لانگ مارچ کي استعفائن سان ڳنڍي پي ٽي آءِ حڪومت کي بچايو، ن ليگ اهو ڪري پي ٽي آءِ حڪومت کي بچائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، ن ليگ لانگ مارچ ناڪام ڪري اسٽيبلشمينٽ، پي ٽي آءِ جي مدد ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم جي سموريون سياسي ڪاميابيون بلاول ڀٽو زرداري جي سوچ جو نتيجو آهن، سڀني کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا نه ته بلاول اڪيلو ئي عمران خان لاءِ ڪافي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو