اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هوابازي وارو وفاقي وزير غلام سرور خان پنهنجي حڪومت تي ڏمرجي پيو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ زرعي شين تي خاص ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، ڪميٽي جي ميمبر محمد فاروق اعظم ملڪ دانهيو ته زراعت کاتي جي آفيسرن کي چئو ته ڪم ڪن نه ڪن گهٽ ۾ گهٽ اسان جي فون ته کڻن، زراعت کاتي جي آفيس وڃو ته اهڙو سلوڪ ڪيو ويندو آهي جيئن اسيمبلي سڀاڻي ختم ٿيڻ واري آهي، زرعي شين جي تي قومي اسيمبلي جي خاص ڪميٽي ۾ وفاقي وزير غلام سرور خان پنهنجي ئي حڪومت تي ڏمرجي پيو. هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو ته ڪڻڪ جي پيداوار هر سال گهٽ ٿيندي پئي وڃي، اڄ ڪلهه جي موسم ڪڻڪ جي فصل کي متاثر ٿي ڪري، آئون ڪابينا ۾ ويهي به بيوس آهيان، اڍائي ٽن سالن ۾ زرعي سيڪٽر لاءِ اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون، زراعت کي اسان رليف نٿا ڏئي سگهون، غلام سرور خان چيو ته حڪومت انڊسٽري، سروسز سڀني کي رليف ڏنو پر زراعت کي نه ڏنو، 25 بلين جي پيڪيج جو اعلان ٿيو گهٽ ۾ گهٽ ان کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اُهو رليز ٿئي، غير زرعي طبقي جي آواز ۾ وڌيڪ اثر آهي، اسان ڪٿان ڪٿان ڪڻڪ امپورٽ ڪري رهيا آهيون پر پنهنجي حڪومت زميندار کي ڪجهه به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، غلام سرور خان جو چوڻ هو ته ڪابينا ۾ به مون پڇيو هو ته ڪڻڪ ڪٿان ڪٿان کان امپورٽ ڪري رهيا آهيون، امپورٽڊ ڪڻڪ 2400 رپيا مڻ پئي ملي ۽ اسان پنهنجي زميندار کي 1800 رپيا ڏئي رهيا آهيون، ايترو ظلم پنهنجي زميندار سان نه ڪيو وڃي، سنڌ جيڪو اگهه 2 هزار رپيا رکيو ويو اُهو حقيقت تي ٻڌل آهي، گذريل سال ڊي اي پي 28 سئو رپيا هئي هن سال 5 هزار آهي خدا جو خوف ڪيو، ڏک آهي ته
234