لاهور(م ڊ) مريم نواز جي طبيعت خراب، ٻيهر ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي ورتي، ان سلسلي ۾ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جي طبيعت هڪ ڀيرو ٻيهر خراب ٿي وئي آهي، مريم نواز کي ڳلي ۾ سور ٿيو، جنهن تي ڊاڪٽرن کيس ٻيهر ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ جي صلاح ڏني جنهن بعد هن ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي آهي، جنهن جي رپورٽ جو انتظار آهي، ٻئي طرف ن ليگ اڳواڻ عطا الله تارڙ جو چوڻ آهي ته مريم نواز جو علاج هلي رهيو آهي، طبيعت بهتر ٿيڻ بعد ٻيهر سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندي.
250