227

صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي سميت 13 ڄڻن مٿان فرد جرم لاڳو

سکر(بيوروچيف) احتساب عدالت سکر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ جيل کاتي جي صوبائي صلاحڪار مير اعجاز جکراڻي سميت 13 جوابدارن مٿان نيب پاران داخل ڪيل 36 ڪروڙ رپين جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج جسٽس فريد انور قاضي پاران ڪئي وئي، عدالت جوابدارن کي لاڳو ڪيل فرد جرم پڙهي ٻڌايو ويو، جنهن تي جوابدارن پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو، جنهن تي عدالت سڳوري ريفرنس جي ٻڌڻي 13 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، جوابدارن ۾ سرڪاري ملازم به شامل آهن، اعجاز جکراڻي ڄاڻايل ريفرنس ۾ پهريان ئي عدالت مان ضمانت تي آزاد هو، جڏهن ته ان ريفرنس کان علاوا 74 ڪروڙ روپين جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي الزام وارو ريفرنس به احتساب عدالت سکر ۾ هلندڙ آهي، جنهن ۾ مٿس فرد جرم پهريان ئي لاڳو ٿي چڪو آهي، فرد جرم لاڳو ٿيڻ واري ريفرنس ۾ به اعجاز جکراڻي ضمانت تي آزاد آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو