184

ڪنري لڳ پڪڙيل منشيات ۾ مبينا هيرا ڦيري، ٽالهي جي ايس ايڇ او سوڌو 3 اهلڪار معطل

ڪنري (رپورٽ: پرتاب مڪواڻا) ايس ايس پي عمرڪوٽ شاھجھان پٺاڻ طرفان ٽالھي ٿاڻي جي عورت ايس ايڇ او خوشبخت ناز اعواڻ، وڏي منشي علي بخش چانڊيو ۽ اھلڪار عيسن گشڪوري کي غلط بياني جو جواز ڄاڻائي معطل ڪيو ويو آھي، اھڙو ليٽر پڻ جاري ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ڄاڻايل ايس ايڇ او ۽ اھلڪارن ڪنھن معاملي ۾ غلط بياني ڪئي آھي، جنھن جي بنياد تي کيس معطل ڪيو ويو آھي،  ٻئي پاسي باخبر ذريعن کان ڄاڻ ملي آھي ته معطل ڪيل ايس ايڇ او پاران پنج ڏينھن اڳ ٽالھي ٿاڻي جي حد ۾ ڪارروائي ڪندي ھڪ ڪار جو پيڇو ڪندي تلاشي ورتي وئي آھي، جنھن مان لکين روپين جي ماليت جي 1 مڻ 13 ڪلو چرس ھٿ ڪئي وئي ھئي ۽ ھڪ جوابدار رضوان گشڪوري کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏھن ته ٻه جوابدار رمضان گشڪوري ۽ شاھ ولي مڪراني فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ھئا، گرفتار ۽ فرار ٿيل جوابدارن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو پر پوليس پاران ڪيل ڪارروائي ۾ ھٿ ڪيل ڪجهھ منشيات ظاھر ڪري باقي منشيات لڪائي وئي آھي، جنھن جي بنياد تي ھنن کي معطل ڪيو ويو آھي، پوليس جا ڪاروائي بعد ايس ايس پي عمرڪوٽ پريس ڪانفرنس ڪري ميڊيا کي ڪارروائي بابت آگاھ ڪيو ويو ۽ معاملي جي وڌيڪ جانچ ايس ايڇ او ڪنري طفيل احمد جلالاڻي حوالي ڪئي وئي ھئي، ٻئي پاسي ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد پاران ڪارروائي تي معطل ٿيل ايس ايڇ او ۽ ٻين کي بھترين ڪارڪر گي تي ايندڙ اربع جي ڏينھن اڄ انعام ڏيڻ جو پڻ اعلان ٿيل آهي، ٻي پاسي ڪنري: اشوڪ ميگھواڙ ٽالھي ٿاڻي جو نئون ايس ايڇ او مقرر ٿي ويو. ايس ايس پي عمرڪوٽ پاران ٽالھي ٿاڻي جي عورت ايس ايڇ او خوشبخت اعواڻ کي معطل ڪرڻ بعد سندس جاءَ تي اشوڪ ڪمار ميگھواڙ کي ٽالھي ٿاڻي جو نئون ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو آھي ۽ اھڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو