گهوٽڪي (ت ر) گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ حبيب پهوڙ ۾ انسانيت سوز واقعو پيش آيو آھي جنهن ۾ انسانيت موڪلائي وئي آهي ڳوٺ جي هڪ گهر ۾ پاليل ڪتو ڇتو ٿيڻ بعد گهر جي مالڪياڻي پيرسن 70 سالا عورت مائي سعيدان کي ڏاڙهڻ لاءِ ڪتي حملو ڪري گهر جي اڱڻ تي ڪرائي پٽڻ شروع ڪيو ته پيرسن عورت پاڻ کي بچائڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪرڻ باوجود ڇتو ٿيل ڪتو پيرسن عورت جي منهن جو گوشت پٽي ورتو. هوڏانهن ان دوران گهر ۾ موجود ماڻهن عورت جي ڪتي کان جان ڇڏائڻ بجاءِ وڊيو ڀرڻ کي اهم سمجهندي وڊيو ڀريندا رهيا پيرسن عورت کي ڪتي کان جان نه ڇڏائي بعد ۾ ڪتي کي ڀڄائي زخمي ٿيل عورت کي گهوٽڪي جي اسپتال مان ويڪسين ڪرائي طبعي امداد ڏيڻ بعد واپس ڳوٺ گهر روانو ڪيو ويو. هوڏانهن وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ڪيترن ئي ماڻهن سوشل ميڊيا تي حيرت جو اظهار ڪندي واقعو انسانيت سوز قرار ڏيندي عورت کي ڪتي کي ڏاڙهڻ جو ذميوار گهر جي انهن مردن کي ڏنو آهي. جيڪي وڊيو ٺاهڻ ۾ رڌل هئا ۽ ڇتو ٿيل ڪتو عورت کي ڏاڙهيندو رهيو سول سوسائيٽي ڊي سي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کي فورن نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي هوڏانهن ياد رهي ته گهوٽڪي جي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ گهرن جي پالتو ڪتن ۾ عجيب بيماري ڦهلجڻ جا اطلاع ملي رهيا آھن، جنهن دوران گهر جا پالتو ڪتا ماڻهن مٿان حملو ڪري ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏين ٿا، علائقي واسين اعلى اختيارين کان نوٽيس وٺي ڪتن مان نجات ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آھي
216