236

قاضي احمد ويجهو کوسا برادري ۾ تڪرار ٻيهر تيز، پريمي نوجوان جي پلاند ۾ هڪ ڄڻو قتل

قاضي احمد (رپورٽ: غلام مصطفيٰ چانڊيو) قاضي احمد لڳ نوجوان قتل، کوسا برادري ۾هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربند ڏيڙان روڊ تي ميهر مهر چونڪ وٽ موٽرسائيڪل تي ڳوٺ شير علي کوسو ڏانهن ويندڙ  30سالن جو امام بخش ولد محمد جمن کوسو کي گوليون ھڻي بي دردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي قاضي احمد پوليس پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم جي لاءِ قاضي احمد اسپتال ۾ آندو، علائقي ۾ خوف ھيراس پکڙجي ويو، ياد رھئي ته ڪجهه وقت پھرين ڳوٺ شير علي کوسي جي رھواسي محمد صديق کوسي پيار جو پرڻو ڪيو ھو، جيڪو ڪراچي منتقل ٿي ويو هو، بعد ۾ محمد صديق کوسو پنهنجي گھر واري سان ڪراچي کان قاضي احمد آيو گاڏي ۾ لهندي ئي کوسا برادري جي ھٿياربندن محمد صديق کوسو کي پنهنجي گھر واري اڳيان قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سندس گھر واري لڪي پنهنجي جان بچائي، ان قتل جو پلاند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قاضي احمد ايس ايڇ او وڏي پوليس نفري کوسا برادري جي ڳوٺ ڏي رواني ٿي وئي آهي، آخري اطلاع تائين ڪابه گرفتار عمل م نه آئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو