اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي سنڌ جو 91ع واري معاهدي جي پيرا 2 هيٺ پاڻي جي ورڇ وارو مطالبو رد ڪري خريف جي مُند ۾ پاڻي ٽي رخي فارمولا هيٺ ورهائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس خريف جي ند شروع ٿيڻ جي 7 ڏينهن کان پوءِ ڪوٺايو ويو، ارسا چيئرمين رائو ارشاد علي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سنڌ جي ميمبرز زاهد جوڻيجو، وفاقي ميمبر اسجد علي، بلوچستان جي عبدالحميد مينگل ۽ ڪي پي جي زاهد عباس طرفان شرڪت ڪئي. اڪثريتي راءِ سان ٿيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۽ پنجاب کي آڳاٽي خريف ۾ 10 ۽ پاڇاٽي خريف ۾ 4 سيڪڙو گهٽ پاڻي ڏنو ويندو، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا کي کوٽ بنا پورو پاڻي ڏنو ويندو. ارسا جي جاري ڪيل پڌرائي موجب خريف جي مند ۾ ڪل 108.75 ايم اي ايف پاڻي موجود هوندو، جنهن مان 14.47 ايم اي ايف پاڻي سمنڊ ۾ هليو ويندو، 15.01ايم اي ايف پاڻي وهڪري دوران زمين ۾ جذب ٿي ويندو، 10.05 اي ايم ايف پاڻي ايندڙ ربيع واري مند جي شروعات لاءِ بچايو ويندو، جڏهن ته باقي 68.67 اي ايم ايف پاڻي صوبن ۾ ورهايو ويندو. تڪراري ٽي رخي فارمولا هيٺ تڪراري ٽي رخي فارمولا هيٺ خريف جي مند ۾ سنڌ کي 30.893 ايم اي ايف، پنجاب کي 34.112، ڪي پي کي 0.823 ۽ بلوچستان کي 2.848 ايم اي ايف پاڻي ملندو.
152