ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بلاول هائوس ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو سان بلديات واري صوبائي وزير ناصر شاهه ملاقات ڪئي، ان موقعي تي بلاول ڀٽو ناصر شاهه کان شهر جي مسئلن بابت پڇاڻو ڪيو، ناصر شاهه بلاول ڀٽو کي ٻڌايو ته لياري ۾ 3، ڪياماڙي ۾ 2 آر او پلانٽ ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اتي وڌيڪ آر او پلانٽ پڻ لڳايا ويندا. جنهن تي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو کيس هدايت ڪئي ته عوامي مسئلن جي حل جي تسلسل کي برقرار رکيو وڃي.
239